ڪراچي/ ڄامشورو (نمائندن وٽان) ڪراچي مان ڪار ڦر ڪري شهري کي قتل ڪندڙ چار ڏوهاري ڄامشوري ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا، جمالي پل ڪراچي ۾ ڪار ڦر ڪري شهري کي قتل ڪندڙ چار جوابدار ڄامشوري ۾ پوليس مقابلي دوران مارجي ويا، پوليس موجب جوابدار ڪراچي مان ڪار ڦر ڪري ڀڄي رهيا هئا جن کي روڪڻ لاءِ اشارو ڪيو ويو ته انهن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ چار ئي ڏوهاري مارجي ويا، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو موجب مقابلي ۾ چار جوابدار مارجي ويا، جن ۾ ڪراچي مان ڪار ڦر ڪندڙ شامل هئا، ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ٻڌايو ته جوابدار ڪراچي مان گاڏيون ڦري ٻين شهرن ڏانهن وٺي ويندا هئا، مقابلي دوران گينگ ليڊر حيدر مهرو به مارجي ويو، پوليس موجب ايم نائين جمالي پل وٽ ڪار ڦر ۽ نوجوان عدنان قتل کانپوءِ مقتول جي والد ۽ ڀاءُ جوابدارن جو پيڇو ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدارن جي فائرنگ سبب مقتول جو ڀاءُ به زخمي ٿيو، جيڪو ڪلفٽن جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.