توشاخانا 2 ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي توشاخانا ڪيس 2 ۾ 342 جو بيان جمع ڪرائي ڇڏيو. عدالت  29-29 سوالن تي ٻڌل قلم 342 جو سوالنامو پي ٽي آءِ باني ۽ زال کي ڏنو هو. عمران خان بيان ۾ چيو ته 2018 ۾ توشاخانا پاليسي موجب تحفي بابت رڳو رپورٽ نه ڪرڻ تي ايڪشن وٺي سگهجي ٿو. تحفا 7 کان 10 مئي 2021 وچ ۾ ورتا ان تي نيب ڪيس ٺهيو ۽ ايف آءِ اي جي اختيار جي دائري بابت توشاخانا رولز مڪمل خاموش آهن، ان ئي بنياد تي چوٿين جعلي توشاخانا ڪيس ۾ مون کي ۽ زال کي بري ڪرڻ ٺهي ٿو. نومبر 2022 کان هٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، انعام الله شاهه مرڪزي گواهه آهي جنهن تي اعتماد ڪجهه سببن جي ڪري نٿو ڪري سگهجي ڇو ته بدنيتي سان 2 پگهارون وٺڻ تي انعام الله شاهه کي وزيراعظم آفيس مان برطرف ڪيو ويو هو. انعام الله جهانگير ترين جي ٽول جي طور ڪم ڪري رهيو هو ۽ پهريان نيب ريفرنس ۾ گواهه طور پيش ٿيو ته بلغاري سيٽ جو ذڪر نه ڪيو. ٻئي پاسي بشريٰ بي بي بيان ۾ چيو ته بلغاري جيولري سيٽ قانون موجب ادائيگي ڪري پاڻ وٽ رکيو. انعام الله شاهه پهريان پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ پوءِ وزيراعظم هائوس ۾ به ملازم هو، ان کي ٻن هنڌن تان پگهارون وٺڻ تي برطرف ڪيو ويو.  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي زال بشريٰ بي بي چيو آهي ته مون ڪڏهن به انعام الله شاهه کي صهيب عباسي کان گهٽ قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ نه چيو، ۽ جيڪڏهن فرض ڪجي ته انعام الله مون کي 3.2 ارب رپين جو فائدو ڏنو، ته پوءِ کيس جولاءِ 2021 ۾ رڳو 70 هزار رپيا وڌيڪ وٺڻ تي ڇو ڪڍيو ويو؟ بشريٰ بي بي جو چوڻ هو ته نيب جو ڪو به اختيار ناهي ۽ هو اٽلي کان مقرر ڪيل قيمت کي ثبوت طور پيش نٿو ڪري سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايف آءِ اي ڪڏهن به جاچ نه ڪئي ۽ من گھڙت رپورٽ پيش ڪئي، جڏهن ته توشه خانا ڪيس ۾ نه انعام الله ۽ نه ئي صهيب عباسي بلغاريا سيٽ جو ذڪر ڪيو. بشريٰ بي بي چيو ته هڪ ئي ڏوهه تي ٻيهر سزا نه ٿي ڏئي سگهجي، مان پردي دار عورت آهيان ۽ ڪڏهن به سياسي سرگرمي ۾ حصو نه ورتو آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ اڳ ئي چئي چڪي آهي ته ايف آءِ اي کي اهڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار ناهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.