چين جو آمريڪا کي سخت جواب، واڌو پورٽ فيس جو اعلان

بيجنگ (م ڊ) چين آمريڪا پاران چيني ڪمپنين کي اينٽيٽي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي احتجاج ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته واشنگٽن جا قدم چيني ڪاروبارن جي جائز حقن کي متاثر ڪن ٿا. چين جي واپار واري وزارت آمريڪا کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته بيجنگ پنهنجي ادارن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻندو. ان سان گڏ چين اعلان ڪيو آهي ته 14 آڪٽوبر کان آمريڪي جهازن تي واڌو پورٽ فيس لاڳو ڪئي ويندي. هي قدم آمريڪي بندرگاهن تي چيني جهازن تي نئين فيس جي جواب ۾ کنيو ويو آهي. چين چيني ايئر لائنز تي آمريڪي تجويز ڪيل پابندين کي به رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.