فلپائن ۾ ٻن زلزلن سبب 6 ڄڻا فوت، سونامي جي وارننگ

ڊيوائو (م ڊ) ڏکڻ فلپائن ۾ 7.4 ۽ شام جو 6.9 شدت جا 2 زلزلا ۽ سوين آفٽر شاڪس وڏي تباهي جو سبب بڻيا جنهن ۾ گهٽ ۾  گهٽ 6 ڄڻن جي موت جي تصديق ٿي آهي. زلزلي جو مرڪز سمنڊ کان 20 ڪلوميٽر پري هو ۽ ٻيٽ لڳ ڀڳ 30 سيڪنڊن تائين ڌڏندو رهيو. هڪ شخص ڀت هيٺان اچي فوت ٿيو، جڏهن ته هڪ شخص خوف سبب دل جي دوري ۾ مارجي ويو، سون جي کاڻ ۾ ٽن مزدورن جي به موت جي تصديق ٿي آهي. ڪيترائي شهري زخمي ٿيا جن کي ملبي مان ڪڍيو ويو. صوبائي حڪومت اسڪول بند ڪري ڇڏيا ۽ عملو گهرن کان ڪم ڪندو. زلزلي کان پوءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي پر پوءِ خطرو ختم قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.