پي ٽي آءِ جو پشاور هاءِ ڪورٽ فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل جي جلد ٻڌڻي لاءِ سُپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، بيرسٽر گوهر علي خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي خالي سيٽن تي ضمني چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، شبلي فراز جي خالي سينيٽ واري سيٽ تي 30 آڪٽوبر ۽ عمر ايوب جي قومي اسيمبلي واري سيٽ تي 23 نومبر تي پولنگ مقرر ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي واري فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست کي اڻڄاتل مدت تائين ملتوي ڪيو هو، جنهن سبب خدشو آهي ته جيڪڏهن اپيل جي جلد ٻڌڻي نه ٿي ته ڪيس غير موثر ٿي سگهي ٿو، بيرسٽر گوهر علي خان عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل کي 13 آڪٽوبر جي عدالتي هفتي دوران ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ته جيئن انصاف جا تقاضا پورا ٿي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.