جعفرآباد ۾ زور دار ڌماڪو، 12 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو

جعفر آباد (م ڊ) جعفرآباد ۾  ڊيره الهيار بائي پاس تي ڌماڪو، 12 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو،  ٻيو زخمي ٿي پيو، ڊيرا الهيار بائي پاس زيرو پوائنٽ تي زور دار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ورهين جو ٻارڙو  مارجي  ويو، جڏهن ته ٻيو ٻار زخمي ٿيو ، پوليس موجب ٻئي ٻار بائي پاس تي مزدوري ڪري رهيا هئا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، زخمي ٻار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو  ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.