ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيرِاعلیٰ هائوس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) پاليسي بورڊ جو 48هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 500 اليڪٽرڪ بسن جي خريداري، ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد (ڄام صادق انٽرچينج) تائين ايلويٽيڊ ايڪسپريس وي جي تعمير، سکر، ڪراچي ۽ شهيد بينظير آباد جي ريجنل بلڊ سينٽرن (RBCs) ۾ فڪسڊ ۽ ويئري ايبل ڪاسٽ تي ٻڌل اينيوٽي ماڊل اختيار ڪرڻ ۽ ٻين منصوبن جي منظوري ڏني وئي۔ اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، جام خان شورو، ضياءُ الحسن لنجار، حاجي علي حسن زرداري، سيڙپڪاري بابت وڏي وزير جو صلاحڪار قاسم نويد، ايم پي اي قاسم سومرو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ڊي جي پي پي پي يونٽ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ٻيا بورڊ ميمبر ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا۔ پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) پاليسي بورڊ پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ جي منظوري ڏني جنهن تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اليڪٽرڪ بسن جو وڏو ٻيڙو متعارف ڪرايو ويندو. منصوبي تحت 500 اليڪٽرڪ بسون مرحليوار هلائبيون جن سان گڏ ڊيپو، چارجنگ انفراسٽرڪچر، بس شيلٽر، خودڪار ڀاڙو اوڳاڙڻ جو نظام ۽ انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم پڻ قائم ڪيو ويندو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) پاليسي بورڊ ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد (جام صادق انٽرچينج) تائين ايلويٽيڊ ايڪسپريس وي منصوبي جي منظوري ڏني۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته منصوبي جي دستاويزن کي جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن هو هن منصوبي جو سنگِ بنياد رکي سگهي. ھيوي ٽريفڪ جي 24 ڪلاڪ آمد و رفت ممڪن ٿيندي، شهري رستن تي رش ۾ گهٽتائي ايندي، ۽ پورٽ جي ڪارڪردگي ۽ ان جي M-9 ۽ شاهراهِ ڀٽو سان ڳانڍاپي ۾ بهتري ايندي. هي رت جا ٿيلھا مخصوص سرڪاري اسپتالن جي بلڊ بينڪن ۾ مريضن کي بغير معاوضي جي فراهم ڪيا ويندا۔ ريڊيولوجي ۽ ڊائگنوسٽڪ ليبز جي آئوٽ سورسنگ: پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) پاليسي بورڊ PDF فنڊنگ جي منظوري ڏني ته جيئن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال (CMCH) لاڙڪاڻو ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ڪراچي ۾ ريڊيولوجي ۽ تشخيصي ليب سروسز کي آئوٽ سورس ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ۽ ٽرانزيڪشن ايڊوائزري سروسز لاءِ مشير مقرر ڪيا وڃن۔ صحت کاتو هن منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) ماڊل تحت لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن جديد تشخيصي اوزارن جهڙوڪ ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين، ڊجيٽل ايڪس ري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪو ڪارڊيوگرافي جي سار سنڀال ۽ مؤثر استعمال ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جو حل ڪڍي سگهجي۔ سنڌ جي دريائي ٻيلن کي بحال ڪرڻ، ماحولياتي اثرن کي گهٽائڻ ۽ پاڪستان ۾ گرين هائوس گيسن جي نيڪال ۾ گهٽتائي آڻڻ جي مقصد سان جامشورو ۽ مٽياري ضلعن جي لڳ ڀڳ 41 هزار هيڪٽر زمين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو PPP ماڊل تحت شروع ڪيو ويندو. پاليسي بورڊ ضلعي ٺٽي ۾ ٽماٽي ڪلسٽر پروسيسنگ پلانٽ جي قيام لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جي منظوري ڏني۔ هن منصوبي تحت هڪ ماسٽر پلان تيار ڪيو ويندو جنهن مطابق سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جتي ميون ۽ ڀاڄين جي پيداوار وڌيڪ آهي، اهڙي نوعيت جون پروسيسنگ سهولتون قائم ڪيون وينديون ته جيئن زرعي شين کي مقامي سطح تي پروسيس ۽ محفوظ ڪري سگهجي .