اسلام آباد (بيورو) پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن خبردار ڪيو آهي ته ايف بي آر جي ايس ٽريڪ پورٽل بند ٿيڻ سبب ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ خطري واري حد تائين اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان مارڪيٽ ۾ کنڊ جي کوٽ ۽ بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، ايسوسيئيشن هن معاملي تي ناڻي واري وفاقي وزير ۽ خوراڪ ۽ تحفظ واري وزير کي ٻيو خط موڪلي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ان جو ذميوار شوگر انڊسٽري نه هوندي، حڪومت کي گهر آهي ته فوري طور مداخلت ڪري سڀ پابنديون ختم ڪري ته جيئن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي فراهمي بحال ٿي سگهي، ترجمان موجب هر شوگر مل ۾ لڳل ايف بي آر جو سيلز ٽريڪنگ سسٽم جان بوجھ ڪري بند رکيو ويو آهي، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ کنڊ جي سپلائي متاثر ٿي رهي آهي، ايسوسيئيشن چيو ته ٽي سي پي ذريعي درآمد ٿيل کنڊ جي وڪرو ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ ملڪي کنڊ جي ليفٽنگ روڪڻ، مارڪيٽ کي غير مستحڪم ڪري رهيو آهي ۽ قيمتون وڌڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي، ترجمان وڌيڪ چيو ته ملن وٽ کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، پر ايس ٽريڪ پورٽل بند هجڻ سبب ٽرڪ روانو نه ٿي سگهيا آهن، نتيجي ۾ بئنڪن جا قرض ۽ گني جي آبادگارن کي ادائگيون به متاثر ٿي رهيون آهن، ايسوسيئيشن خبردار ڪيو آهي ته اهڙا انتظامي قدم شوگر انڊسٽري لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ مالي بحران سبب ڪريشنگ سيزن به دير سان شروع ٿيڻ جو خدشو آهي.