اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ لڳاتار ٻئي هفتي به مهانگائي ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته تازي هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.17 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح وڌي 3.34 سيڪڙو تائين پهچي وئي، وفاقي اداري شماريات موجب گذريل هفتي آنن، گوشت، بصر، گيهه ۽ اٽي سوڌو 21 ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون، جڏهن ته پٽاٽا، ايل پي جي ۽ چڻن جي دال سوڌو سميت 6 شين جون قيمتون گهٽيون ۽ 24 شين جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه آئي، رپورٽ موجب تازي هفتي ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 8.92 سيڪڙو، آنن ۾ 2.25 سيڪڙو، اٽي ۾ 5.74 سيڪڙو، بصر ۾ 7.47 سيڪڙو، ٿوم ۽ ويجيٽيبل گيهه ۾ 0.86 سيڪڙو، ڳڙ ۾ 1.70 سيڪڙو ۽ واشنگ سوپ ۾ 0.23 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي، شماريات اداري موجب 17 هزار 732 رپيا مھينا آمدني رکندڙ طبقي لاءِ مهانگائي جي رفتار 0.14 سيڪڙو اضافي سان 4.14 سيڪڙو، 17 هزار 733 رپيا کان 22 هزار 888 رپيا آمدني رکندڙن لاءِ 0.17 سيڪڙو واڌ سان 4.31 سيڪڙو رهي.