عالمي حمايت سان ڪابل تي هڪ ڪارروائي پر ڪيترائي نشانا؟

عدنان هاشمي

ڪابل جي فضا هڪ ڀيرو وري ڌماڪن سان گونجي. هي ڪو عام حملو نه هو، پر  ناياب ڪارروائين مان هڪ هئي، جنهن جو مقصد صرف دشمن کي نشانو بڻائڻ نه پر عالمي سطح تي هڪ پيغام ڏيڻ به هوندوآ.  هوائي فوج ڪابل ۾ امپيريل هوٽل جي ويجهو انتهائي درستگيءَ سان هدف کي نشانو بڻايو. لينڊ ڪروزر ۾ سوار ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي سربراهه مفتي نورولي محسود عرف ابو منصور عاصم پنهنجي ٻن ويجهن ساٿين قاري سيف الله محسود ۽ خالد محسود سان گڏ هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته گاڏيءَ تي ٻه ميزائل داغيا ويا، پهريون نشانو معمولي فاصلي تان گذريو، جڏهن ته ٻيو ميزائل سڌو نشاني تي لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽئي دهشتگرد موقعي تي ئي مارجي ويا. اُن ئي لمحي اُن علائقي ۾ موجود هڪ گيسٽ هائوس کي به ملبو بڻايو ويو جتي فتني جو سرغنه رهائش پذير هو.

هي ڪارروائي زميني انٽيليجنس، فضائي نگراني ۽ خلائي ٽريڪنگ جي امتزاج سان انجام ڏني وئي. اطلاع آهي ته زمين تي به اهڙا ماڻهو موجود هئا، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ بچي نڪري وڃڻ جي صورت ۾ نورولي محسود جي مارجڻ کي زميني ڪارروائيءَ سان يقيني بڻائيندا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته طالبان حڪومت پهرين مرحلي ۾ ڪنهن ڌماڪي جي ترديد ڪندي چيو ته "ڪابل ۾ صرف هوائي جهازن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هو.” پر اندرين سطح تي طالبان جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف انٽيليجنس (GDI) پنهنجي اهلڪارن کي هدايتون جاري ڪيون ته "گزريل رات واري واقعي بابت ڪي به ڳالهيون نه ڪجن، نه سوال ڪيا وڃن، نه تفصيل تلاش ڪيا وڃن، نه شيئر ڪيا وڃن.” انهيءَ مان واضح اشارو ملي ٿو ته ڪابل ۾ مڪمل "انفارميشن بليڪ آئوٽ” لاڳو ڪيو ويو ته جيئن حقيقتون عوامي سطح تي ظاهر نه ٿين.

طالبان ڪابل جي انهيءَ هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري ڇڏيو آهي جتي نورولي محسود کي نشانو بڻايو ويو. ڪنهن شهري يا صحافي کي سوين ميٽرن جي فاصلي تائين وڃڻ جي اجازت ناهي. اهو  ئي سبب آهي جو حملي جي هن هنڌ جي ڪا تصوير اڃان تائين منظرِ عام تي نه آئي آهي. افغان وزارت دفاع پنهنجي اعلانيي ۾ پاڪستان تي "افغان فضائي حدن جي سنگين ڀڃڪڙي” جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته "ڊيورنڊ لائين جي ويجهو صوبو پڪٽيڪا جي مرگي علائقي ۾ هڪ مقامي مارڪيٽ تي بمباري ڪئي وئي، جڏهن ته ڪابل جي فضايه حريم جي به پامالي ڪئي وئي.” افغان حڪومت هن ڪارروائي کي "افسوسناڪ، پرتشدد ۽ خودمختياري جي منافي اقدم” قرار ڏيندي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته "جيڪڏهن حالتون وڌيڪ تڪراري ٿيون ته ان جي سموري ذميواري ڪارروائي ڪندڙن مٿان هوندي

.” ڪارروائي کان اڳ سڀني وڏن بين الاقوامي ڀائيوارن  آمريڪا، چين، روس، ايران، سعودي عرب، قطري، خليجي ملڪن ۽ مرڪزي ايشيائي رياستن کي باقاعده طور تي اعتماد ۾ ورتو ويو هو. سڀني عالمي دارالحڪومتن افغان زمين مان دهشتگردي جي خطري کي تسليم ڪندي ان قدم تي خاموش رضامندي ظاهر ڪئي. اهو به اطلاع آهي ته مفتي نورولي محسود ڪجهه مهينا اڳ خوست ۾ زخمي ٿيو هو ۽ وقت بوقت ڪابل جي شينوزاده اسپتال تي ايندو ويندو هو. گذريل رات جڏهن هو اسپتال مان نڪتا ته انهن جي گاڏي طالبان انٽيليجنس (GDI) جي سيڪيورٽي هيٺ هئي. بهرحال، ساڳئي وقت پاڪستاني ڊرونز انهن جي قافلي کي ٽريڪ ڪيو ۽ ڪجهه لمحن ۾ ٻن ميزائلن گاڏين کي رک ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

ڪجهه ذريعا دعوىٰ ڪري رهيا آهن ته طالبان عملدارن مبينه طور تي اٺن پاڪستانين کي افغانستان جي مختلف علائقن مان گرفتار ڪري ڀارت جي حوالي ڪيو آهي، جن کي ڀارتي فالس فلئگ آپريشن لاءِ استعمال ڪيو ويندو. ساڳئي وقت جلال آباد ۾ ٻه "نامعلوم افرد” کي نشانو بڻايو ويو جيڪي سوٽ پاتل هئا، ۽ مقامي ماڻهن جي مطابق اهي ڀارتي خفيه اداري "را” جا ايجنٽ معلوم ٿين ٿا. هي ڪارروائي انهيءَ وقت ٿي جڏهن طالبان جي پرڏيهي وزير امير خان متقي ڀارت جي دوري تي آهن. انهيءَ پس منظر ۾ مبصرن جو چوڻ آهي ته "ڪابل ۾ حملو دراصل نئين دهلي ۾ موجود طالبان قيادت لاءِ پيغام هو ته ڀارت انهن کي پاڪستاني جهازن کان بچائي نه سگهندو.” انهيءَ وچ  ۾ افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي وڌيڪ ٺڪاڻن تي به خصوصاً حافظ گل بهادر گروپ تي حملن جون خبرون آهن. اهڙي قسم جي خبرن جو وڏو طوفان پکڙجي ويو آهي، پر وقت ئي ان جي تصديق ڪندو.

سياسي منظرنامي ۾ به هن واقعي جا اثر گهرا آهن. خيبر پختونخوا ۾ علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ ۽ پي ٽي آءِ جي سختگير قيادت جي واپسي کان پوءِ هيءَ ڪارروائي فوجي ۽ سياسي تڪرار کي هڪ نئون موڙ ڏنو آهي. هي حملو صرف عسڪري ڪارروائي ناهي پر "هڪ سياسي سگنل” به آهي ته رياست هاڻي ڪنهن رعايت جي پوزيشن ۾ ناهي. باقي رهي ڪسر ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس بريفنگ کان مڪمل ٿي وئي. نور ولي محسود بابت معلومات کان پوءِ افغان صحافين پڻ اعتراف ڪيو آهي ته هي واقعو نه صرف ڪابل پر نئين دهلي لاءِ به وڏو لوڏو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان ڪابل ۾ ڀارتي پراڪسي نيٽ ورڪ جا مالي سلسلا متاثر ٿيندا.

افغان مبصر احمد شريف زاده  هڪ پيغام ۾ لکي ٿو ته "اسان گذريل 20 سالن ۾ ڀارت کي پنهنجو سچو دوست سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي، ۽ توهان طالبان کي. هاڻي وقت آهي ته ٻئي ملڪ ماضي جون غلطيون درست ڪن ۽ دهشتگردي جي نظريي کي پنهنجي زمين مان ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن.” ظاهر آهي ته افغانستان جي حوالي سان پاڪستان، ڀارتي پاليسي ۽ ڀارت پاڪستاني پاليسي اختيار ڪري رهيو آهي. پر ڀارت کي اهو ياد رکڻو گهرجي ته پاڪستان جي هيءَ پاليسي پاڙيسري هئڻ سبب هئي ۽ ڀارت جو ڪو بارڊر افغانستان سان نه لنڪ آهي. جيڪڏهن پاڪستان طالبان مخالف گروپن کي اپنائيندو ته دنيا ڀر مان پاڪستان کي سفارتي يا اخلاقي مدد ملي سگهي ٿي، جڏهن ته ڀارت طالبان جي حمايت ڪرڻ جي غلطيءَ سبب وڌيڪ عالمي دٻاءُ يا سفارتي اڪيلائي جو شڪار ٿي سگهي ٿو. هتي ڪشمير ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران ڀارتي فوج جا 12 نيم فوجي اهلڪارن جي مرڻ جي خبر به سامهون آيون آهن، جنهن سان نئين دهلي سخت تاءُ ۾ آهي. انهيءَ معاملي مان ظاهر آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار ڏينهون  ڏينهن وڌي رهيو آهي؛ ڀارت پاڪستان ۾ ۽ پاڪستان ڀارت ۾ هڪ ٻئي کي پراڪسيز ذريعي جواب ڏئي رهيا آهن.

هن سڄي منظرنامي ۾ هڪ ٻيو اهم نڪتو اهو آهي ته ڪابل جي خاموشي ئي وڏي تصديق آهي. جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو هجي ها ته طالبان حڪومت ايتري سخت ميڊيا پابندي ۽ انفارميشن بليڪ آئوٽ ڇو لاڳو ڪندي؟ ظاهر آهي ته هي ڪارروائي محض هڪ دهشتگرد جي خاتمي لاءِ نه هئي پر هڪ "ملٽي لئيرڊ ميسج” جي علامت آهي، پر نشانو هميشه ويجهو هوندو آهي.  ڪابل جي دل ۾ وڃي ڪيل ڪارروائي ثابت ڪري ٿي ته ان جي تزويري صلاحيت صرف دفاعي ناهي پر فيصلائتي به آهي ۽ پيغام واضع آهي ته جيڪو سرحد پار مان سازش ڪندو، ان کي سرحد پار ئي دفن ڪيو ويندو.

منهنجي نظر ۾ پاڪستان جي افغانستان بابت پاليسي هميشه درست رهي آهي. پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري موقف ۾ وزن ناهي. هي ڪم پي ٽي آءِ جي پنهنجي حڪومت ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سڀني حڪومتن به ڪيا آهن، بهرحال ان جو ڪو فائدو نه ٿيو آهي، ممڪن آهي ته پاڪستان جي جواب ڏيڻ سان ڪابل تي به دٻاءُ پوي ۽ اهي پنهنجي پاليسي تي ڪجهه غور ڪن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ميڊيا بريفنگ مان هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته فوج پنهنجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهيد ٿيڻ تي سخت برهم نظر اچي ٿي ۽ هاڻي اها طالبان جي حمايت يا آپريشن جي خلاف اُٿندڙ ڪنهن به آواز کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، چاھي اها آواز ڪنهن به جاءِ تان اٿي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي لهجي ۾ غصي، شهيدن جي ذڪر تي اکين ۾ آيل ڳوڙها صاف ٻڌائين ٿا ته فوج ڪنهن به صورت پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي. اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اي اين پي کي آپريشن جي حمايت ڪرڻ ۽ طالبان مخالف موقف رکڻ تي جيئن طالبان هدف بڻايو، اِس تناظر ۾ عمران خان جي پهرين افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي گهرج دراصل اهڙن حملا کان بچڻ لاءِ هئي ۽ هاڻي هو پنهنجي ان ئي موقف کي اسٽيبلشمنٽ تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

اسان کي هي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته خيبر پختونخواه جو عوام هرگز طالبان جا حامي ناهي. انهن کي "نمڪ حرام” جو لقب به خيبر پختونخوا جي عوام ئي ڏنو آهي. پي ٽي آءِ جي سوچ هرگز سڄي خيبر پختونخوا جي سوچ ناهي. ٻين صوبيان وانگر اتي جا ماڻهو به سڪون سان زندگي گذارڻ چاهين ٿا. افغانيون اڃا تائين اسان جا ڀاءُ آهن پر هي ڀائيچارو ٻه طرفو هجڻ گهرجي. پاڪستان مان ڪرڪيٽ ميچ کٽڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ رهي ڪري هن ملڪ خلاف نعرا بازي ڪرڻ، پاڪستان جي اندروني سياست ۾ مداخلت ڪرڻ، پاڪستان جي دشمنن کي پناه ڏيڻ جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته پاڪستانين جي طرفان انهن کي گلن جا هار پارايا ويندا ته اها انهن جي غلط فهمي آهي. صرف هڪ شهر ڪراچي کي وٺو ۽ ڪپڙن جهڙو هڪ ئي ڪاروبار جي ڳالهه ڪريو ته ان تي مڪمل طور تي افغان شهري جو ڪنٽرول آهي. اهي نوڪريون به افغانن کي ڏين ٿا. ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ ٽيڪس وٺڻ جي ڪوشش تي سخت مزاحمت ڪن ٿا. ائين ناهي ٿي سگهي ته توهان اسان کي ماريو به، اسان جي ملڪ ۾ به رهندئو، اسان جي ڪاروبار تي قبضو به ڪيو، اسان جي ماڻهن کي روزگار کان محروم ڪيو ۽ ٽيڪس به نه ڏيو، پوءِ اوهان اهو اميد رکو ته پاڪستان يا پاڪستاني اوهان جي حمايت ڪندا؟ اهو ممڪن ناهي.

هتي ڀارت جي هڪ ٻئي حملي جا  به اطلاع آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته هن دفعي اهي ڪراچي کي نشانو بڻائيندا ۽ آزاد ڪشمير تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ميڊيا بريفنگ فوج جي سوچ کي مڪمل طور تي سامهون رکي ڇڏي آهي. هن وقت پاڪستان کي عالمي حمايت حاصل آهي، جنهن جي ڪري فيلڊ مارشل عاصم منير سخت فيصلا وٺڻ جي پوزيشن ۾ آهن. پاڪستان جو اولهه ۽ اوڀر وارو بارڊر ٻئي گرم آهن. اهڙي حالتن ۾ پاڪستان جي اندروني صورتحال بهتر ٿيڻ جي ضرورت آهي ڇو ته پاڪستان هڪ ئي وقت ڪيترن محاذن تي وڙهي نه ٿو سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.