بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اصلي روح جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي

ثوبيا کوسو

سنڌ حڪومت موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بنيادي مقصد هميشه کان اهو آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ محروم، لاوارث ۽ غريب عورتن کي باعزت مالي سهائتا پهچائي وڃي ته جيئن اهي پنهنجن ٻارن جو گذر ۽ گهر جي بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن، پر جيئن جيئن انهيءَ پروگرام تي ڪم وڌيو آهي تڏهن کان انڪم سپورٽ آفيشلز، ڊوائيس هولڊرز ۽ ٻين تي لڳل ڪرپشن جا ڪافي الزام به سامهون آيا آهن،

پروگرام جي رقم سڌي طرح حقدارن تائين پهچڻ بدران مقامي “ڊوائيس هولڊر” ۽ ايجنٽن جي هٿ ۾ اچي وڃي ٿي ۽ اهڙا ماڻهو وڏي پيماني تي مالي استحصال ۽ منظم ڪٽوتي ۾ ملوث آهن، پرنٽ ميڊيا تي هر روز ڪيتريون ئي خبرون اينديون آهن ته هڪ ئي ڊوائيس هولڊر وٽ ٻه يا ٽي ڊوائيس هوندا آهن، هر ڊوائيس روزانو تقريباً 200 ڪارڊ تائين ڪڍي ٿو، ۽ هر ڪارڊ تان تقريباً 1500 روپيا في عورت جا ڪٽيا وڃن ٿا، ان حساب سان هڪ ڊوائيس تان روزانو 300,000 روپيا ۽ ٽن ڊوائيسن تان 900,000 روپيا ٺهن ٿا، اهي انگ اکر محض انگ نه آهن پر اها ٿيندڙ  ڪرپشن عورتن جي روزمره جي زندگيءَ سان جڙيل ڏک، خاندانن جي استعمال جو سامان، ٻارن جي تعليم ۽ علاج جا وسيلا  متاثر ڪري رهيا آهن،

ڪيترين ئي عورتن جا موقف هوندا آهن ته  جڏهن هو رقم وٺڻ لاءِ صف ۾ وينديون ته ايجنٽس انهن  سان سخت رويو اختيار ڪندا، ڪڏهن ته انهن کي جاني ڌمڪيون به ملنديون آهن ۽ انهن کي جنسي طور هراسمنٽ به ڪيو ويندو آهي، هڪ شهر مان اها به افسوسناڪ وڊيو سامهون آئي ته رش ۾ پئسن لاءِ ڊوڙندي هڪ عورت جو آڱوٺو پٽجي ويو، ۽ اهي به شيون سامهون آيون ته ڊوائيس هولڊرن جلدي پئسا ڏيء عيوض عورتن سان لڄالٽ ڪئي،  اهڙا سوين واقعا ٿي چڪا آهن، ڪيترائي ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن پر اهڙي ماحول ۾ متاثر عورتون قانون جي پاسن کان پري رهي شڪايت داخل ڪرڻ کان ڊڄن ٿيون، ڇو ته کين خوف آهي ته ايندڙ قسط يا ڪارڊ بند ٿي ويندو يا انهن جو حق مستقل طور ختم ٿي ويندو، سخت ڳڻتي ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترين ئي رپورٽن ۽ زباني شڪايتن ۾ اهو پڻ ذڪر اچي ٿو ته ڊوائيس هولڊر صرف خود رقم نه وٺن، پر پنهنجي ڪارروائي کي برقرار رکڻ لاءِ مقامي انتظاميا، پوليس ۽ بيسپ جي مقامي عملي جي ڪجھ ماڻهن کي به حصي ۾ رکندا آهن،  اهي دعوائون سنگين آهن ۽ انهن کي ثابت ڪرڻ لاءِ مضبوط ثبوتن جي ضرورت آهي ۽ ثبوت هوندا به آهن تنهن هوندي به اهو خيال ته سرڪاري يا قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا ڪجهه عملدار به هن لاڳاپي ۾ آھن، عوام جي ذهني اعتبار کي گهڻو ڪمي ڪري ٿو، جيڪڏهن واقعي ۾ ڪجهه سرڪاري يا انتظامي آفيسرن جي ڪنهن قسم جي شموليت يا غفلت ثابت ٿئي ٿي ته اها صرف مالي بدعنواني ناهي پر سرڪاري نظام ۾ هڪ اڻ ڏٺل سوراخ جو ثبوت هوندو آهي جنهن کي بند ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي،

انڪري انهن خلاف به شفاف ۽ آزاد تفتیش لازمي آهي، اها  جاچ وفاقي سطح تي يا ڪنهن آزاد اداري جهڙوڪ  ايف آءِ اي جي تعاون سان هئڻ گهرجي ته جيئن مقامي مفادن يا بندنگيءَ جي خطري کان بغير حقيقتون ظاهر ٿي سگهن، ان کان سواءِ، BISP کي پنهنجي اندروني مانيٽرنگ ۽ آڊٽ ميڪانيزم کي مضبوط ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ راڻڊم انسپيڪشنز، ڊوائيسن جي فزڪل آڊيٽ، ۽ وصولين جي تصديق وغيره لاءِ لاعمل شامل هجن ته جيئن فوري طور تي ليڪيج سڃاڻپ ۾ اچي سگهي،

پر انهن سڀني سان گڏ BISP کي ادائيگي جا اهڙا طريقا اپنائڻ گهرجن جيڪي فزڪسلي ايجنٽن جي ذريعي هٿان نه گذرن، جهڙوڪ سڌو بينڪ اڪائونٽ، موبائل بينڪنگ يا سيڪيور اٿينيٽيڪيشن جيڪا صرف مستحق عورت جي ذاتي شناخت سان وابسته هجي. ٻيو، ڊوائيس هولڊرز جي رجسٽريشن ۽ انهن جي آپريشن تي سخت لائسنسنگ لڳائڻ گهرجي، گڏوگڏ باقاعده آڊٽ ۽ رپورٽنگ جي پابندي. ٽيون، پوليس ۽ انتظاميا جي ڪنهن به ملوث هجڻ جي شڪايت تي فوري طور تي داخلي تفتیش لازمي رکڻ گهرجي ۽ قانوني ڪارروائي کي تڪڙي بنائڻ گهرجي ته جيئن اڻڄاتل خوف ختم ٿي سگهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته هتي ائين ناهي ٿيندو،

هيءَ صورتحال سماجي ۽ اخلاقي سطح تي پڻ هڪ وڏو سوال اٿاري ٿي ته  ڇا اسان جو سماج انهن عورتن جي حمايت لاءِ صحيح نظام مهيا ڪيو آهي جيڪي بيماري، بيڪاري يا ٻين جهالتن جي باوجود پنهنجي گهر کي هلائين ٿيون؟ بينظير ڀٽو جي نالي سان هلندڙ اهو پروگرام جڏهن بدعنواني ۽ استحصال جي شڪار بڻجي وڃي ٿو ته ان ۾ صرف پئسن جو نقصان ناهي پر ان جو عملدارانه مقصد ۽ انساني عزت به ختم ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ معاشري، انتظاميا، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن اهي قدم کنيا وڃن جيڪي نه صرف بدعنواني کي ختم ڪن پر نظام کي اهڙو بڻائن ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جي ڪرپشن روڪي سگهجي،

اصل ڳالهه 1 هزار يا پندرنهن سئو روپيا ڪٽوتي ڪرڻ جي ناهي پر ڪرپشن ۽ عورتن جي تذليل ڪرڻ جي آهي، جيڪڏهن توهان يا توهان جي سڃاڻپ وارا ڪنهن ائين واقعي جا شڪار آهن ته مهرباني ڪري ثبوت گڏ ڪريو ۽ ڪنهن معتبر تنظيم، وڪيل يا حقائق جي تحقيق ڪندڙ اداري سان رابطو ڪريو،شڪايتون داخل ڪرڻ وقت هميشه تحريري ثبوت مهيا ڪريو ۽ ممڪن هجي ته رڪارڊ رکو، جيڪڏهن مقامي سطح تي شڪايت بي اثر هجي ته فيدرل ادارن FIA وڌيڪ موثر آپشن ٿي سگهن ٿو وڌيڪ اهم اهو آهي ته اسان سڀني کي هن معاملي تي خاموشي نه اختيار ڪرڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي بيان، هڪڙو وڊيو يا هڪ رپورٽ ڪيترين عورتن جي مستقبل کي بچائي سگهي ٿي، انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي هلڻ، آواز بلند ڪرڻ ۽ قانوني رستن کي استعمال ڪرڻ ئي واحد رستو آهي جيڪو هن ظلم جي زنجير کي ٽوڙي سگهي ٿو.

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اصلي روح جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي، جيڪڏهن اسان خاموشي اختيار ڪندا رهون ته اهو نظام اهڙن ماڻهن جي هٿيار بڻجي ويندو جيڪي غريب عورتن جي محنت ۽ ضرورتن کي پنهنجي منافعي لاءِ استعمال ڪندا، ان ڪري هاڻ عمل ڪرڻ جو وقت آهي نه صرف شڪايت ڪرڻ جو، پر شفاف، منظم ۽ قانوني طريقي سان اهڙا قدم کڻجن جو جيڪي حقدارن کي سندن پئسا واپس ڏيارينداسين ۽ مستقبل ۾ اهڙي بدعنواني کي روڪينداسين، آئون اهو به اوهان کي ٻڌائيندا هلان ته ۽ پهرين به ٻڌايو هئم ته ڳالهه صرف ڪجهه روپين جي هجي ها ته اڃان به ٺيڪ هو پر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هر ايندڙ قسط ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿيندي آهي، ۽ ڊوائيس هولڊر، بسپ آفيشلز ايتري قدر جو انهن جا ايجنٽ به ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن پر انهن تي چيڪ اينڊ بيلينس آهي ئي ڪونه جيڪا تمام ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، ڪروڙن جا بنگلا ، وڏيون گاڏيون سڀ ڪجهه ڏسندي به سڀ خاموش بڻيل آهن، ان ڪري اهو سوال تمام تيزي سان جنم وٺي ٿو ته ڇا سڀ لاڳاپيل ادارا انهيءَ ڪرپشن ۾ شريڪ آهن؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.