پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن کي ڪو مقامي سهارو نه ملي سگهيو!

منيزي هانگير

ڪجهه هفتا اڳ، ملتان سکر ايم 5 موٽر وي جي ڪناري تي، جلالپور پيروالا کان لڳ ڀڳ 35 ڪلوميٽر پري، ڪجهه خاندان نٽهڻ اس هيٺ روڊ جي ڪناري ويٺل هئا، جڏهن ته ٻوڏ جو پاڻي سندن پيرن هيٺان وهندو رهيو. انهن جو سامان کٽن جي هيٺ رکيل هو، ملتان کان جلالپور پيروالا ۽ عليپور تائين موٽر وي جي ڪنارن تي رهندڙ گهڻا ماڻهو ننڍا زميندار آهن يا سندن آمدني جو بنيادي ذريعو مال مويشي آهي پر هن تباهي دوران ڪيترن ئي پنهنجا مويشي وڃائي ڇڏيا ۽ ساڻس ئي پنهنجو روزگار به وڃايو.

ستلج درياهه نوريجا ڀُٽا بند وٽ سوين گهر ٻوڙي ڇڏيا ۽ موٽر وي کي به نقصان پهچايو، جنهن سبب جلالپور پيروالا ملتان کان ڪٽجي ويو. ڪيترائي هفتا گذرڻ باوجود به اڪثر متاثرين جي حالت ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي؛ ڪيترائي اڃا تائين ويجهين روڊن تي خيما لڳائي پاڻي لهڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن

. ڪجهه هفتا اڳ پنجاب حڪومت اعلان ڪيو ته ريسڪيو ۽ رليف جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. پر حقيقت ۾ شروع کان ئي نه ڪو ريسڪيو هو، نه رليف. جڏهن ستلج درياهه جو پاڻي اڌ رات جو چڪ نمبر 67 ايم ۽ 68 ايم جي ڳوٺن ۾ داخل ٿيو ته مقامي ماڻهو حيران ٿي ويا. کين مقامي انتظاميه طرفان ڪا به اڳواٽ وارننگ نه ڏني وئي، تنهن ڪري اهي هٿ ۾ جيڪو مليو، سا وٺي ڀڄڻ لڳا. بجلي ٻوڏ اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ بند ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري فونن جي بيٽرين ۾ چارج نه هو، جنهن سبب ريسڪيو 1122 کي سڏڻ به ممڪن نه هو. ماڻهن وٽ ڪو ٻيو رستو نه رهيو، سواءِ پاڻ پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي. پنجاب حڪومت طرفان وعدو ڪيل ريسڪيو ٻيڙيون ڪڏهن به نه پهتيون، تنهن ڪري ماڻهن کي پنهنجي مدد لاءِ نوان طريقا ڪڍڻا پيا. هڪ شخص پلاسٽڪ جي بوتلن کي ٻڌي هڪ ترندڙ پليٽفارم ٺاهيو، جنهن تي پنهنجو سامان رکي، پاڻ ساپين سان ڀريل پاڻيءَ مان تري خشڪ زمين تي پهتو. ٻئي هڪ وڏي ڪڙاهيءَ ۾ پنهنجو ٻار ويهاري ايم 5 موٽر وي جي خشڪ حصي تائين پهچايو. جن ماڻهن عليپور جي سِتپور علائقي مان ريسڪيو 1122 کي سڏ ڪيو، انهن کي چيو ويو ته هو پنهنجي وارن جي انتظار ۾ رهڻ، ڇاڪاڻ ⁠ته اڳ ئي ڊگهي قطار هئي. ڪجهه ماڻهن شڪايت ڪئي ته ڏينهن گذري ويا پر سندن نمبر ڪڏهن نه آيو. ٻين پنهنجي خاندان ۽ مويشي بچائڻ لاءِ نجي ٻيڙين وارن کي تمام وڏيون رقمون ادا ڪيون.

ڪجهه حالتن ۾ ٻيڙيون ته موجود هيون پر مقرر ڪيل عملدار جي غير حاضري سبب ويجهي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي نه بچائي سگهيون. ڪجهه مذهبي اين جي اوز هلائيندڙن ٻيڙيون موڪليون ۽ بي ترتيبيءَ سان پاڻيءَ ۾ ڦاٿل خاندانن کي ڪڍڻ لڳا. مقامي سياستدان به ماڻهن کي بچائڻ ۾ لڳا رهيا، پر سندن ڀرپور ڪوششن باوجود ايتري وڏي تباهيءَ ۾ مؤثر رليف آپريشن هلائڻ ناممڪن هو. هي ئي اصل مسئلو آهي.

هڪ موسمي تباهي جنهن مقامي ۽ صوبي جي انتظاميا کي مڪمل طور مفلوج ڪري ڇڏيو. ڪيمپن يا ٻوڏ رليف مرڪزن ۾ گهڻي ڀيڙ هئي. عليپور شهر ۾ هڪ سرڪاري هاءِ اسڪول، جنهن کي ڪيمپ ۾ تبديل ڪيو ويو هو، جي گنجائش 2,000 ماڻهن جي هئي پر اتي 3,000 ماڻهو رهڻ لڳا. صرف نَو ٽوائليٽ 3,000 ماڻهن لاءِ هئا ۽ پاڻي اڪثر ختم ٿي ويندو هو. جيڪي ماڻهو پنهنجن مٽن مائٽن وٽ رهيا، اهي به کاڌي لاءِ انهن ڪيمپن تي ايندا هئا، جنهن سبب کاڌي جي کوٽ هميشه رهي.

جلالپور پيروالا جي هڪ سرڪاري ڪيمپ ۾ 35 حامله عورتون دائيءَ جي نگراني هيٺ علاج ڪرائينديون هيون. پر اهي به مٿي جي سور جون شڪايت ڪري رهيون هيون ۽ پنهنجي اڻڄاتل مستقبل بابت ڳڻتي ۾ هيون. پاڪستان نيوي جي ڊاڪٽرن موجب ماڻهن ۾ چمڙي جون بيماريون، خاص ڪري فنگس ۽ دست جون وبائون عام ٿي ويون هيون. پر دوائون گهٽ هيون، جڏهن⁠ته مريضن جو تعداد روز وڌي رهيو هو. هاڻي اڪثر ٻوڏ رليف مرڪز بند ٿي ويا آهن ۽ حڪومت ماڻهن کي زبردستي پنهنجن گهرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته  عليپور جي ستپور علائقي ۽ جلالپور پيروالا جي خان بيلا واري علائقي ۾ ڪجهه هنڌ اڃا به پاڻيءَ هيٺ آهن. پنجاب حڪومت هن وقت 27 ضلعن ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڊيٽا گڏ ڪري رهي آهي. هڪ گڏيل سروي ٽيم، جنهن ۾ فوج، ضلعي انتظاميه ۽ ٻين کاتن جا اهلڪار شامل آهن، موڪلي وئي آهي. پر هي سڀ ڪجهه دير سان ٿي رهيو آهي. مدد تڏهن نه آئي جڏهن سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي، ۽ رليف ڪيمپن به متاثر ماڻهن کي نه پناهه ڏئي سگهيون، نه کاڌو. جيڪڏهن مڪاني حڪومت (لوڪل گورنمينٽ) موجود هجي ها ته ماڻهن کي بچائڻ جو ڪم تمام آسان ٿي وڃي ها. مقامي سياستدان پنهنجي علائقن جي ضرورتن کي بهتر سمجهي ۽ جائزو وٺي سگهن ٿا، ۽ حڪمن يا فوجي عملدارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪري سگهن ها، جيڪي مقامي حالتن کان بي خبر حڪمن جي انتظار ۾ قيمتي وقت ضايع ڪندا رهيا.

لوڪل باڊي حڪومت جو ڪو متبادل ناهي، جتي ماڻهن جا اصل نمائندا موجود هجن جيڪي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري سگهن. اهي نظام جو حصو آهن ۽ ماڻهن جي ووٽن تي ڀاڙين ٿا، تنهنڪري ڪارڪردگي لاءِ متحرڪ هوندا آهن. پي ٽي آءِ ۽ پي ايم ايل (ن) پنجاب جي 12 ڪروڙ ماڻهن کي بار بار لوڪل حڪومت کان محروم رکيو آهي. آخري مڪاني چونڊون 2015ع ۾ ٿيون هيون ۽ چونڊيل ادارن جو مدو ڊسمبر 2021ع ۾ ختم ٿيو، جنهن کان پوءِ صوبي جي حڪومت نئون لوڪل گورنمينٽ قانون آندو، پر نيون چونڊون بار بار ملتوي ٿي رهيون آهن.

پنجاب حڪومت کي هاڻي سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي، ۽ پي پي پي سان ڇڪتاڻ بدران وڌندڙ آباديءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مضبوط لوڪل گورنمينٽ نظام ٺاهڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سٺي حڪمراني سڌيءَ ريت جمهوريت سان لاڳاپيل آهي، جنهن جون پاڙون ماڻهن تائين وڃن ٿيون، ۽ اها مڪاني حڪومت جي بنا ممڪن ناهي.

(ليکڪا مشهور اينڪر پرسن ۽ عاصمه جهانگير جي ڌيءَ آهي)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.