اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ ڏڦيڙي ٽولو ۽ دهشتگردن جو سهولتڪار آهي، جيل ۾ ويٺل شخص جي حڪومتي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آندو ويو ۽ هاڻي سهيل آفريدي کي خيبرپختونخوا جو وزيراعليٰ نامزد ڪرڻ جو مقصد به اهو آهي ته دهشتگردن کي کليل سهولت ملي سگهي، اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران عطا تارڙ چيو ته اسان جي شهيدن جا وارث پنهنجي عظيم مرتبي تي فخر ڪن ٿا، قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، وزيراعظم ۽ فِيلڊ مارشل به شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت ڪئي، اسان پنهنجي بهادر سپوتن جي عزم ۽ جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ اهڙو ڏڦيڙي ٽولو موجود آهي جيڪو ملڪ جي امن امان کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، جيل ۾ ويٺل شخص جي دور ۾ نيشل ايڪشن پلان ختم ڪيو ويو ۽ دهشتگردن کي واپس آندو ويو، عطا تارڙ چيو ته آپريشن ردالفساد ۽ ضربِ عضب دوران سڄي قوم گڏ هئي، دهشتگردن کي شڪست ملي ۽ ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، پر عمران خان جي دور ۾ انهن دهشتگردن کي ٻيهر موقعو ڏنو ويو ۽ اڄ تائين انهن جي سهولتڪاري جاري آهي، عمران خان پاڻ ماضي ۾ چيو هو ته دهشتگرد ”سٺا ماڻهو“ آهن، انهن سان ڳالهين ذريعي معاملا طئي ٿيڻ گهرجن، پر اهي ئي ماڻهو اسڪولن ۽ مسجدن تي حملن جا ذميوار آهن، عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص دهشتگردن جو مکيه اسپانسر آهي، انهن کي سهولت فراهم ڪري ٿو، پر ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ وارا عنصر ڪامياب نه ٿيندا، هن چيو ته سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ خيبرپختونخوا ان ڪري نامزد ڪيو ويو، ڇو ته عمران خان کي علي امين گنڊاپور تان ناراضگي هئي، ڇو ته هو دهشتگردن جي ”ٺيڪ نموني“ سهولتڪاري نه پيو ڪري ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي بند نه ڪرائي سگهيو تنهن ڪري کيس عهدي تان هٽايو ويو، عطا تارڙ دعويٰ ڪئي ته عمران خان چاهيو ته اهڙو ماڻهو آندو وڃي جيڪو مفرور مراد سعيد جو قريبي ساٿي هجي ۽ دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکي، انهيءَ مقصد سان سهيل آفريدي کي آندو ويو ته جيئن دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي مڪمل سهارو ملي ۽ انهن جي پروموشن ٿئي، ساڳي وقت علي امين گنڊاپور اعلان ڪيو ته هو عمران خان جي حڪم تي وزارتِ اعليٰ تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.