راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي ڀارتي حمايت يافته تنظيم ”فتنه الخوارج“ سان لاڳاپيل 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ميجر سبطين حيدر شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر موجب انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ۾ دهشتگردن سان سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ڪوئيٽا جو 30 سالن جو بهادر آفيسر ميجر سبطين حيدر شهيد ٿي ويو، دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي ادارن ۽ بيگناهه شهرين خلاف ڪيترين ڪاررواين ۾ ملوث هئا، ترجمان موجب علائقي ۾ باقي بچيل دهشتگردن خلاف ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، وزيراعظم شهباز شريف آپريشن ۾ ڪاميابي ۽ ميجر سبطين حيدر جي شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته فوجي آفيسر ۽ جوان ملڪ جي سلامتي لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن، قوم کي پنهنجي فوج جي بهادري تي فخر آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.