اسلام آباد (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) فيصلو ڏنو آهي ته ڪي-اليڪٽرڪ 2023 ۾ ملڪ ۾ بجلي جي وڏي بندش جو ذميوار آهي. اٿارٽي ڪي-اليڪٽرڪ تي اڍائي ڪروڙ رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو، چيو ته ڪمپني پنهنجي آپريشنل ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي. نيپرا موجب، ڪي-اليڪٽرڪ پاران ڏنل وضاحتون ۽ جواب بجلي جي بندش جو ڪو به قابل قبول جواز فراهم نٿا ڪن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بندش جي ذميواري رڳو نيشنل گرڊ تي وجهڻ صحيح ناهي، ڪي-اليڪٽرڪ پنهنجي سسٽم جي ڪمزورين ۽ خامين جو برابر ذميوار آهي. ڪمپني کي 15 ڏينهن اندر قومي خزاني ۾ لاڳو ڪيل ڏنڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.