ٻوڏ سبب هزار ارب رپين جو نقصان، آءِ ايم ايف کي آگاهي، معاهدي ۾ رنڊڪون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بين الاقوامي مالياتي فنڊ  ۽ پاڪستان اسٽاف ليول ايگريمينٽ تي پهچڻ ۾ ناڪام رهيا، جنهن سبب 1.25 ارب ڊالر جي ايندڙ قسط جي جاري ٿيڻ ۾ دير ٿيندي. عالمي مالياتي فنڊ  (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته پاڪستاني اختيارين سان ٿيل ڳالهين دوران اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ حل طلب معاملن تي اتفاق راءِ لاءِ پاليسي سطح تي ڳالهيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي مشن چيف، ايوا پيٽرووا، ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آءِ ايم ايف جي وفد 24 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين ڪراچي ۽ اسلام آباد جو دورو ڪيو، جنهن دوران پاڪستاني اختيارين سان 7 ارب ڊالرن  جي قرض پروگرام جي ٻئي جائزي ۽ 1.3 ارب ڊالر جي موسمياتي فنانسنگ پروگرام جي پهرين جائزي بابت ڳالهيون ڪيون ويون. بيان موجب، پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد آءِ ايم ايف جي ٽيم واپس واشنگٽن هلي وئي آهي. مشن چيف چيو ته اسٽاف ليول معاهدي لاءِ پاڪستان سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پاليسي سطح جون ڳالهيون جاري رهنديون. ايوا پيٽرووا وڌيڪ چيو ته پاڪستان قرض پروگرام تي عملدرآمد يقيني بڻايو آهي، ۽ ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهين ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي. بيان ۾ اهو به چيو ويو ته مالي ضابطن کي برقرار رکندي، ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ ضروري مدد فراهم ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. آءِ ايم ايف مشن چيف جو چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ سخت مانيٽري پاليسي ذريعي مهانگائي کي هدف تي رکڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، جڏهن ته توانائي شعبي ۾ ٽيرف ايڊجسٽمينٽ ۽ پيداوار جي قيمت گهٽائڻ ذريعي به سڌارا ڪيا ويا آهن. پاڪستان تازي ٻوڏ سان ٿيل نقصانن جي ابتدائي رپورٽ آءِ ايم ايف سان ونڊي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ملڪ جي معيشت کي ٻوڏ سبب 744 ارب رپين جو نقصان رسيو، 1,037 ماڻهو فوت ۽ 1,068 زخمي ٿيا، جڏهن ته زرعي شعبي کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندي 439 ارب رپين جو نقصان ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 70 ضلعن ۾ زندگي مفلوج ٿي وئي، جتي 65 لک ماڻهو متاثر ٿيا۔ ملڪ جي اقتصادي واڌ جي شرح 4.2 سيڪڙو جي مقابلي ۾ هاڻي 3.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ ان کان علاوه، صنعتي شعبي کي 48 ارب رپين ۽ خدمتن واري شعبي کي 257 ارب رپين جو نقصان ٿيو.ذريعن موجب، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 632 ارب رپين جا نقصان ٿيا، خيبرپختونخوا ۾ 51 ارب، سنڌ ۾ 32 ارب، جڏهن ته بلوچستان ۾ 7 ارب رپين جو نقصان ٿيو۔ ٻوڏ سبب 2,811 ڪلوميٽر روڊ ۽ 790 پل تباهه ٿيا۔زرعي پيداوار جي واڌ جي شرح 4.5 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪپهه جي پيداوار 33 سيڪڙو گهٽجي 72 لک ڳٺڙين تائين پهتي آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته چانور، مڪئي ۽ کنڊ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪمند جي پيداوار ۾ به نمايان گهٽتائي جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جو 11 ڏينهن وارو دورو اربع ڏينهن ختم ٿيو.ماهرن جو خيال آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ مسئلا جلد طئي ٿي ويندا ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچي ويندا. ماهرن ٻڌايو ته 28 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين EFF جي ٻئي جائزي ۽ RSF جي پهرين جائزي دوران اهم اقتصادي ۽ ماحولياتي هدفن تي اتفاق ٿيو آهي، باقي رهيل مسئلا معمولي نوعيت جا آهن. اويس اشرف موجب، پاڪستان آر ايس ايف تحت ٻه قسطون حاصل ڪندو، هر هڪ 76.9 ملين جي هوندي، يعني مجموعي طور جيڪي لڳ ڀڳ 209.7 ملين ڊالر ٿين ٿا. اويس اشرف چيو ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته صوبائي حڪومتون بجٽ سرپلس ڏيکارين ۽ تازين ٻوڏن سبب معاشي اثرن کي نظر ۾ رکندي ايف بي آر جي ٽيڪس هدف ۾ نرمي ڪئي وڃي. ٿي سگهن ٿا.  توانائي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ادارن جو دائرو گهٽائڻ، شفافيت ۽ گورننس جي بهتري به ڳالهين جو حصو هئا.ذريعن موجب، "گورننس اينڊ ڪرپشن رپورٽ” جي اشاعت بابت حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اختلاف اڃا تائين برقرار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.