قاهرا (ويب ڊيسڪ)مصري ميڊيا ” غزا امن ٺاهه“ تحت جنگبندي لاڳو ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
القاهرا ٽي وي موجب، غزا جنگبندي معاهدو پاڪستاني وقت موجب 2 وڳي کان لاڳو ٿي چڪو آهي.
مصري پرڏيهي کاتي غزا جنگبندي معاهدي کي هڪ اهم لمحو قرار ڏيندي چيو ته شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ هاڪاري اڳڀرائي غزا جي جنگ ۾ هڪ اهم موڙ جي نمائندگي ڪري ٿي، جڏهن ته مصري پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي اڄ پئرس روانو ٿيندو، جتي هو غزا جي صورتحال بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگبندي اڄ شام اسرائيلي حڪومت طرفان معاهدي جي منظوريءَ کانپوءِ لاڳو ٿيندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ اسرائيلي عملدار ٻڌايو ته غزا مان 20 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي آچر يا سومر تي متوقع آهي.
هواڏنهن فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ غزا امن معاهدي تي اڄ باظابطا صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، معاهدي جي تفصيلن بابت باخبر ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته غزا معاهدي تي اڄ منجهند تائين ٻنهي ڌرين جي طرفان صحيحن جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، معاهدي تي صحيحون ٿيڻ کانپوءِ غزا جنگبندي لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 24 ڪلاڪن اندر اسرائيلي فوج غزا مان نيڪالي جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري وٺندي.
رپورٽن موجب، اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتن ياهو غزا امن معاهدي جي باظابطا منظوري لاءِ اڄ ٻه اجلاس سڏائي ورتا آهن.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته غزا معاهدي تي عملدرآمد لاءِ عملي تياريون شروع ڪيون ويون آهن.
تل ابيب ۾ اسرائيلي يرغمالين جي گهرڀاتين پنهنجي پيارن جي واپسي لاءِ غزا معاهدي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي، غزا ۽ خان يونس ۾ به شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ هڪ ٻئي کي معاهدي جي مبارڪون ڏئي رهيا آهن.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسرائيل ۽ حماس غزا امن معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اميد آهي ته سومر کان يرغمالين جي واپسيءَ وارو عمل شروع ٿي ويندو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وزيراعظم شهباز شريف سميت مختلف عالمي اڳواڻن غزا امن معاهدي کي سٺو سنئوڻ ڏيندي چيو آهي ته اِها وچ اوڀر۾ امن لاءِ هڪ سٺي ڪوشش آهي.
غزا امن ٺاهه تحت جنگبندي لاڳو، اسرائيل ۽ حماس طرفان اڄ معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو امڪان
You might also like