26 ترميم ڪيس: هاڻ صورتحال مختلف آهي، آئيني بئنچ ڪيئن فل ڪورٽ جوڙي سگهي ٿي؟ جسٽس محمد علي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 26 هين ترميم ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي چيو ته آئيني بئنچ ڪيئن فل ڪورٽ ٺاهي سگهي ٿي ڇو ته هاڻي صورتحال مختلف آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي اٺ رڪني آئيني بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس عائشه ملڪ سوال ڪيو ته ڇا فل ڪورٽ ٺاهڻ ۾ ڪا رنڊڪ آهي؟ جنهن تي جسٽس محمد علي چيو ته ڇا موجودا اٺ رڪني بئنچ کي فل ڪورٽ ٺاهڻ جو اختيار حاصل آهي؟
ان تي وڪيل منير اي ملڪ چيو ته ڪو فرق نٿو پوي، موجودا بئنچ ريگولر هجي يا آئيني، ڪيس ڪير ٻڌندو؟ موجودا بئنچ فيصلو ڪري سگهي ٿو.
جسٽس محمد علي چيو ته جيڪڏهن اسان جڊيشل آرڊر جاري ڪريون ته توهان ان کي ايڊمنسٽريٽو آرڊر چوندا؟ ڇا اهڙي صورت ۾ آرٽيڪل 191 اي جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي؟
وڪيل منير اي ملڪ چيو ته ڪا ڀڃڪڙي نه ٿيندي، آئيني بئنچ وٽ جڊيشل اختيار آهن.
ان تي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته توهان چاهيو ٿا ته آئيني بئنچ پنهنجا جڊيشل اختيار استعمال ڪندي فل ڪورٽ ٺاهي؟ عدالت ڪيترائي ڀيرا ترميم جي بدران آئين تي ڀاڙيو آهي.
جسٽس محمد علي چيو ته آرٽيڪل 191 اي موجود آهي، ٻڌايو ته آئيني بئنچ ڪيئن فل ڪورٽ ٺاهي سگهي ٿي، ڇو ته هاڻي صورتحال مختلف آهي.
وڪيل منير اي ملڪ چيو ته فل ڪورٽ لاءِ موجودا بئنچ کان هدايت ڏيڻ جي درخواست آهي، سپريم ڪورٽ جي اندر آئيني بئنچ قائم آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن تي ٻڌل بئنچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.