اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مذهبي جماعت تحريڪ لبيڪ پاڪستان(ٽي ايل پي) طرفان ”لبيڪ يا اقصيٰٰ ملين مارچ“ جي نالي سان 10 آڪٽوبر تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ احتجاج جي ڪال کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا شهر جا داخلي رستا بند ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.
ضلعي انتظاميا جي هڪ عملدار موجب، وفاقي پوليس ۽ انتظاميا مظاهرين کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهي ۽ شهر جي سڀني داخلي رستن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز پهچايا ويا آهن.
ضلعي انتظاميا موجب، ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ رڳو لاڳاپيل ماڻهن لاءِ مارگلا روڊ کوليو ويندو.
ان کانسواءِ فيض آباد ڊبل روڊ، ترنول ۽ گولڙا موڙ وارن علائقن ۾ روڊ جي ٻنهي پاسي ڪنٽينرز رکيا ويا آهن.
ٻئي پاسي، پوليس ٽي ايل پي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ضلعي انتظاميا جي عملدار موجب، ڪيترائي ڪارڪن حراست ۾ وٺي مختلف ٿاڻن سميت سي آءِ اي سينٽر ۾ بند ڪيا ويا آهن.
ٽي ايل پي جو احتجاج، اسلام آباد کي سيل ڪرڻ جو فيصلو، موبائيل نيٽورڪ جي بندش تي غور
You might also like