غزا جي عوام حماس کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو

غزا (م ڊ) غزا ۾ جنگبندي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پيش ڪيل منصوبي ۾ حماس کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ غزا جي انتظاميه مان ان جو ڪردار ختم ڪرڻ بابت غزا جي شهرين سخت ردعمل ڏنو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ جي منصوبي موجب جنگبندي کان پوءِ حماس کي پنهنجا هٿيار ڇڏڻا پوندا ۽ مستقبل جي فلسطيني حڪومت ۾ ان جو ڪو ڪردار نه هوندو، جنهن تي غزا جا شهري مڪمل طور تي اعتراض ڪري چڪا آهن، غزہ جي هڪ عورت ميڊيا سان چيو ته اسان دل و جان سان فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس سان گڏ آهيون، ۽ هٿيار ڇڏڻ يا مزاحمت جي خلاف ڪنهن به تجويز کي قبول نه ڪنداسين، هڪ ٻي عورت چيو ته پهرين ڳالهه اها آهي ته مان اسرائيل نالي ڪنهن رياست کي تسليم نٿو ڪريان، اهو هڪ مسخ ٿيل وجود آهي جيڪو خون وهائي ٺاهيو ويو، تنهن ڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هڪ ننڍي ڇوڪري چيو ته اسان هٿيار ڇڏڻ تي ڪڏهن به راضي ناهيون، ظلم خلاف مزاحمت اسان جو حق آهي ۽ اسان جي حفاظت ڪري ٿي، هڪ ٻي شهري چيو ته مان اسرائيل کي رياست طور تسليم نٿو ڪريان، اهي اسان جي زمين تي قابض آهن، فلسطين ئي اصلي رياست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.