اسپتالن اندر درست علاج نه ٿيڻ جون شڪايتون هاڻي عام ٿي ويون آهن. اهڙي شڪايت جو تازو ترين وڏو واقعو سنڌ جي مشهور دانشور ۽ ليکڪ جامي چانديي جي والده جي وفات جو آهي جنهن جو ڪارڻ به غلط علاج ئي ٻڌايو وڃي ٿو. ان حوالي سان جامي چانڊيي صاحب پهريون اطلاع فيس بڪ تي اهو لکي ڏنو هو ته ”حيدرآباد جي هاشمي اسپتال منهنجي آئي جي ڪيس جي مجرمانه غفلت، غلط تشخيص سان اسان جو وقت ضايع ڪري ناقابل برداشت نقصان ڏئي ڪري امڙ کي مڪمل طور تي معذور ڪري ڇڏيو. ڪيس خراب ٿيڻ سبب ڪراچي ۾ سندس ساڄي ڄنگهه ڪٽڻ جو فيصلو ٿيو.“ وري ڪجهه ئي ڏينهن اندر سائين لکيو ته ”منهنجي ڪائنات، منهنجي مٺي، حسين، دلير ۽ ڏاهي آئيءَ اکيون ٻوٽي ڇڏيون.“
امڙ جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آهي، موت ڇا هوندو آهي ۽ صدمو ڇا ٿيندو آهي تنهن درد کي جامي چانڊيو جهيڙا ماڻهو وڌيڪ گهرائي ۽ شدت سان محسوس ڪري سگهندا آهن ۽ ان صدمي کي طاقت ۾ بدلائڻ به جيڪڏهن ڪي شخصيتون ڄاڻي سگهن ٿيون ته اهي به جامي چانڊيي جهڙيون ئي هونديون آهن. اها به حقيقت آهين ته ڪي صدما اهڙا ٿيندا آهن جيڪي نه رڳو ماڻهن کي ذاتي طور تي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن پر اهي سماجي ۽ ملڪي سطح تي به وڏين تبديلين جو ٻارڻ بڻجي ويندا آهن. جيئن اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ هاڻوڪي سياستدان عمران خان ماءُ جي ڪينسر ۾ وفات ڪرڻ واري صدمي جي ردعمل ۾ ماءُ جي نالي تي ڪينسر جي علاج لاءِ لاهور ۾ شوڪت ميموريل اسپتال قائم ڪري ڏيکاري. ايئن جامي چانڊيو به پنهنجي پياري ماءُ جي غلط علاج جو ڪو تدارڪ چاهي ٿو. هو چئي ٿو ته مان هاڻي اهڙي جدوجهد ڪندس ته جيئن ڪنهن ٻئي جي ماءُ غلط علاج جي ور نه چڙهي. اسان کي اهڙيون اسپتالون گهرجن جتي ماڻهن جو درست علاج ٿئي موجوده اسپتالون ”ڪوس گهر“ آهن. مون کي خبر آهي ته هاڻي منهنجي ماءُ واپس نه ايندي اسان جو جيڪو نقصان ٿيو سو ٿي ويو پر هي سڄي سماج جو اشو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جامي چانڊيو جيئن ته هر ڏکئي وقت ۾ سنڌي قوم سان برادراڻو پير کڻندو رهيو آهي تنهن ڪري اسان جو به اولين فرض آهي ته هن صدمي ۾ جامي چانڊيي سان تعزيت جو اظهار ڪيون ۽ کيس ٻڌايون ته سندس امڙ جي وفات واري صدمي کي اسان سڀني پنهنجو صدمو ڀانئيو آهي اسين سڀ هڪ اهڙي امڙ جي لاڏاڻي تي سوڳوار آهيون جنهن سنڌ ۽ سنڌي قوم کي جامي چانڊيي جهڙو سنڌ پرست فرزند عطا ڪيو آهي. اهڙي ماءُ جو جيڪڏهن غلط علاج سبب لاڏاڻو ٿيو هجي ته اهو سور اڃان سوايو ٿي وڃي ٿو سو ان غلط علاج واري ڪيس تي جامي چانڊيي صاحب جو جيڪو به موقف آهي تنهن سان اسان نه رڳو متفق آهيون پر سندس وچن کي هٿي ڏيندي چونداسين ته ”جامي چانڊيو صاحب قدم وڌايو اسين سڀ توهان سان گڏ آهيون.“ ڇاڪاڻ ته بقول ان جي ته هي سماجي اشو آهي جيڪو سڀني جو آهي ۽ روز جو معمول آهي.
اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه چئبي ته موجوده ايڪويهين صدي ۾ به سنڌ جو عوام انهن ڊاڪٽرن جي غلط علاج جي ور چڙهيل آهي جن کي انور پيرزادي جي هڪ نظم موجب ڀٽائيءَ انڌا اونڌا ويڄ سڏيو هو. ڀٽائي به انهن انڌن اونڌن ويڄن جي علاج مان خوش ۽ مطئمن نه هو پر هن جديد طب جي ميدان ۾ ترقي ڪيل دنيا اندر به سنڌ اندر انڌن اونڌن ويڄن جو راڄ هجي ته ان تي صرف حيرت ئي نه ڪرڻ گهرجي پر هاڻي ان جي خاتمي لاءِ فيصلائتو قدم به کڻڻ گهرجي. هن وقت اسپتالن ۾ ٻه وڏا مسئلا آهن جيڪي گهٽجڻ بدران وڌندا ئي رهن ٿا. هڪ ته بيماري جي تشخيص جي صلاحيت گهٽجندي ٿي وڃي ۽ ٻيو اسپتال جي عملي جو مريضن ۽ اٽيندس سان انتهائي ڪڌو رويو آهي جنهن بابت سڀ ڪو دانهون ٿو ڪري ۽ اسان به ان سان متفق آهيون پوءِ سرڪاري اسپتالون هجن يا خانگي سڀني جو برابر اهو ئي حال آهي. سو ان معاملي ۾ واقعي به ڪا فيصلائتي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي.
اسپتالن جي هاڻي اها حالت آهي ته جيستائين مريض يا ان جو اٽينڊس پاڻ اک نه ٿو پٽي ته علاج ئي درست نه ٿو ٿئي. ايمرجنسي توڙي آءِ سي يو ۾ به اها سنجيدگي نظر ناهي ايندي جيڪا هئڻ گهرجي. بيماري جي تشخيص جي صلاحيت به وڌائڻ جي ضرورت آهي. وري جيڪڏهن ڪو مريض پاڻ ڊاڪٽر هجي يا اٽينڊس ڊاڪٽر هجي ته ان جي صلاح يا مشوري کي عزت ڏيڻ بدران اتان جو عملو سندن تذليل ڪندي ڏٺو ويو آهي. انهن سڀني شئين ڏانهن اصولي طور تي صحت جي وزير يا اسپتال جي انتظاميا کي ڏسڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته شڪايتون وڌڻ لڳيون آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. اسان جي اسپتالن جون عمارتون جيڏيون شاندار آهن ۽ اتي صفائي جو جيڏو سهڻو انتظام آهي اوڏو شاندار ۽ سهڻو جيڪڏهن علاج به ٿئي ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي.
ماضيءَ ۾ ته مريضن کي پري کان ڏسي ڪري حڪيم سمجهي ويندا هيا ته کين ڪهڙي بيماري آهي پر هاڻي سئو نوانوي ٽيسٽون ڪرڻ کان پوءِ به مريض جي بيماري نه لڀي ته ڇا چئجي. مطلب ته علاج جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. پهريون اهو چيو ويندو هو ته مريض خاص ڪري ڏورانهن علائقن جا اچن ئي آخري اسٽيج تي ٿا پر هاڻي جيڪي مريض سالن کان لپڊ ٽيسٽون معمول موجب ڪرائين ٿا سي به غلط علاج جي نذر ٿي وڃن ٿا. تنهن ڪري واقعي به اهڙي مهم جي ضرورت اهي ته جيئن اسپتالن ۾ معياري علاج ٿي سگهي، بيمارين جي سڃاڻپ ۾ مهارت اچي ۽ مريضن توڙي اٽينڊس سان اخلاق سان پيش اچجي.ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي عملي کي اخلاقيات جا به ڪورس ڪرايا وڃن، هونئن ته اخبارون ۽ ميڊيا جون خبرون ڪوس گهرن سان ڀريون پيون آهن پر ان ڏس ۾ ڪا منظم تحريڪ ناهي پيدا ٿي ۽ جيڪڏهن جامي چانڊيو صاحب ان ڏس ۾ ڪو قدم کڻي ٿو ته اسان سڀ سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.