(سوچيندڙ ۽ پُرعزم شهرين جو هڪ ننڍو گروپ دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو. – مارگريٽ ميڊ، جڳ مشهور اينٿراپولاجسٽ)
انقلابي سياست ۽ سڌارن جي سياست جي وچ ۾ تبديلي آڻيندڙ سياست وچ ۾ بيٺي آھي. هن سياست جي ئي سبب جاپان چين کي (1894-1895) ۽ زار روس جي فوج کي (1905) ۾ به شڪست ڏني. تبديلي آڻيندڙ سياست جي ڪري ڏکڻ ڪوريا جا ماڻهو گهريلو ويڙھ کانپوءِ 1960 جي ڏهاڪي ۾ چون ٿا ته گهڻو ڪري گاھ کائيندا هيا ۽ ان جي في ڪس جي ڊي پي 158 آمريڪي ڊالر هئي جيڪا هاڻي آءِ ايم ايف جي مطابق في ڪس جي ڊي پي 34,640 آمريڪي ڊالر آهي. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان 1947 ۾ وجود ۾ آيو ۽ اهو 2025 ۾ اڃا تائين في ڪس جي ڊي پي 1,500 آمريڪي ڊالر جي چوڌاري گهمي ٿي. ڏتڙيل سنڌي سماج جي في ڪس جي ڊي پي 500 آمريڪي ڊالر کان به گهٽ آهي.
تبديلي آڻيندڙ سياست جو اصطلاح سياسي ادب ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ پينگوئن جي سياست جي ڊڪشنري (1993 ايڊيشن) ۾ شامل ڪئي وئي. تبديلي آڻيندڙ سياست کان اڳ، سماج هڪ بند قلعي جيان هوندو آهي، جتي حاڪم طبقا پنهنجي طاقت برقرار رکڻ لاءِ پراڻا ادارا جيئن جو تيئن رکندا آهن. اهي ادارا وقت سان گذرندي ڪمزور ٿي سماج کي پوئتي ڌڪيندا آهن ۽ اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي غريب ملڪن جي حالت اهڙن پراڻن ادارن سبب ڏتڙيل آهي.
سنڌ کي به تبديلي آڻيندڙ سياست جي اولين ضرورت آهي. هن سياست ذريعي، سنڌ 10 کان 20 سالن ۾ جاپان يا سينگاپور جهڙي ترقيءَ جي شعبي ۾ وڏو ٽپو ڏئي سگهي ٿي، بشرطيه تبديليءَ جي سياست کي صحيح نموني سان لاڳو ڪيو وڃي.
وصف
تبديلي آڻيندڙ سياست جي ڪا به هڪ مقرر وصف ناهي، پر ان جو بنيادي مفهوم هيءُ آهي ته اهڙيون سياسي سرگرميون يا تحريڪون، جيڪي سماج جي سياسي ادارن، طرز حڪمراني، معيشت، سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي نظام ۾ بنيادي تبديليون آڻين، انهن کي بهتر بڻائين ۽ ٿوري وقت ۾ ترقيءَ جي هڪ قومي خواب کي حقيقت جو روپ ڏين.
تبديليءَ جي سياست سماج جي ننڍڙن سُڌارن بجاءِ بنيادي ڍانچي کي مڪمل تبديل ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي، جاپان جي ميجي بحالي، ترڪيءَ جي ڪمال اتاترڪ جو دور، سينگاپور جي لي ڪوان يو جي حڪمراني، ڏکڻ ڪوريا جي گهريلو ويڙھ کانپوءِ جي ترقي ۽ چين جي ڊينگ زيا پينگ جي سڌارن جي دور جا مثال ڏئي سگهجن ٿا.
تبديليءَ جي سياست جا ڪجھ مکيه پهلو
تبديلي آڻيندڙ سياست جي هيٺ ڏنل مکيه پهلو ان جي روح کي وڌيڪ واضح ڪن ٿا:
- سياسي طاقت جي تبديلي معنى نون سياسي اڳواڻن جو عروج
- تيز قانون سازي مطلب جلد ۽ اثرائتي قانونن جو نفاذ
- جامع پاليسيون حڪومتي، سياسي، سماجي، معاشي ۽ تعليمي پاليسيون ٺاهي انهن تي عمل ڪرڻ.
- حڪمراني جي ادارن جي جديد سازي.
- تڪڙيون سياسي ۽ سماجي تبديليون
- ٻاهران ٽيڪنالاجي حاصل ڪري ان جو ڪارائتو استعمال.
- تبديلي آڻيندڙ سياست جي مخالفن تي ڪنٽرول ڪرڻ.
- ڏتڙيل طبقن کي مٿي چاڙهڻ، غريب طبقن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور با اختيار ڪرڻ.
- طاقتور گروهن جو اثر ختم ڪرڻ، اشرافيه جي سياسي طاقت جو خاتمو.
- في ڪس جي ڊي پي ۾ تيزيءَ سان واڌارو آڻڻ.
مٿئين سڀني قدمن کڻڻ کانپوءِ سماج جي عمارت بلڪل نئين صورت اختيار ڪندي آهي. جيئن توهان سينگاپور جي 1960 ۽ 2025 ۾ ترقيءَ جي فرق کي يوٽيوب ۾ ڏسي سگهو ٿا.
تبديلي آڻيندڙ سياست جا ڪجھ مشهور مثال هيٺ ڏجن ٿا:
جاپان جو ميجي بحالي هڪ اهم تاريخي واقعو هيو جيڪو (1868) ۾ ٿيو، جڏهن جاپان ۾ جاگيرداري نظام جو مڪمل خاتمو ٿي ويو ۽ شهنشاھ ميجي جي اقتدار کي بحال ڪيو ويو. هن بحالي جو مطلب هيو ته 500 سالن جي دوران شهنشاهيت کي اقتدار مان ٻاھر ڪڍيو ويو. جيڪو اڳ ۾ صرف هڪ روايتي حيثيت رکندو هيو. بحالي کان پوءِ جاپان هڪ زرعي ۽ قلعي نما ملڪ کان هڪ جديد صنعتي طاقت بڻجي ويو. جاپان نوان سياسي ۽ سماجي ادارا قائم ٿيا، ۽ ٻاهرين ملڪن مان ٽيڪنالاجي حاصل ڪئي، 30 سالن ۾ ٻاهرين ملڪن جي اهم ڪتابن جو جاپاني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ جاپاني استاد ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي نئين ٽيڪنالاجيز ۾ سکيا ورتي. جاپان ۾ ميجي بحالي کانپوءِ جديديت جو نئون دور شروع ٿيو. جنهن ۾ ريلوي لائين، روڊ، سامونڊي پورٽ کي ترقي وٺرائي ۽ آرميءَ کي جديد طرز تي ترقي وٺرائي وئي ۽ نئون آئين ڏنو. 2024 ۾ جاپان جي في ڪس جي ڊي پي51,360 آمريڪي ڊالر آهي.
ترڪيءَ ۾ ڪمال اتاترڪ جو دور (1923-1938): ڪمال اتاترڪ عثماني سلطنت جو 1924 خاتمو آڻي، سيڪيولر رياست جو قيام وڌو، ترڪيءَ ۾ 1924 ۾ خلافت عثمانيه کي تبديل ڪري عوامي راڄ (Republican) ۾ تبديل ڪيو ويو، ترڪي ٻولي جيڪا اڳ عربي الفابيٽ ۾ لکي ويندي هئي ان کي رومن الفابيٽ ۾ ٽن مهينن ۾ رائج ڪيو، ترڪ آفيسرن جي تربيت لاءِ جرمني مان آفيسر گهرايا ويا، عورتن کي ووٽ ڏيڻ سميت برابري جا سڀ حق ڏيڻ، ۽ مذهب کي سياست کان جدا رکڻ جهڙا ڪم ڪيا. ملڪ ۾ صنعتڪاري ۾ تيزي آندي. 2024 ۾ ترڪيءَ جي في ڪس جي ڊي پي 15,463 آمريڪي ڊالر آهي.
سينگاپور جو لي ڪوان يو جو دور (1965-1990): سينگاپور تمام گهڻو ڏتڙيل ملڪ هيو جنهن ۾ گند ڪچرو ، ڏوھ، غربت ۽ بيروزگاري تمام گهڻي هئي ۽ 1965 ۾ ملائيشيا کان جدا ٿي لي ڪوان پنهنجي ملڪ سينگاپور ۾ صنعتڪاري، ٻاهرين ڪمپنين جي سيڙپڪاري، امن امان، چيني ملائيشين ۽ هندستانين جي وچ ۾ ڀائپي وارا رشتا قائم ڪري تيزيءَ سان ترقي ڪئي. لي ڪوان هڪ غريب ملڪ کي 1965 کان وٺي 2025 تائين جديد صنعتي طاقت بڻايو. 2024 ۾ انهن جي في ڪس جي ڊي پي 90,689 آمريڪي ڊالر آهي. جڏهن ته 1965 ۾ ان جي في ڪس جي ڊي پي 516 آمريڪي ڊالر هئي.
چين جو ڊينگ زيا پينگ جو دور (1978-1992): مارڪيٽ معيشت ۽ سوشلزم جو گڏيل نظام ذريعي عالمي معيشت ۾ ٻيو نمبر طاقت ٿي اُڀريو آهي. ڊينگ زيا پينگ جي دور ۾ چين پهريون دفعو اناج جو ايڪسپورٽر ٿيو، خانگي شعبي کي آزادانه ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني، ڊينگ زيا پينگ 22,000 چيني آفيسر ترقي ماڊل کي سمجهڻ لاءِ سينگاپور موڪليا، ٻاهرين سيڙپڪاري کي دعوت ڏني، ترقيءَ جا معاشي زون ٺاهيا ۽ هارين کي زمينون ڏئي مڪمل مالڪي انهن جي حوالي ڪئي. جڏهن ڊينگ حڪومت ۾ آيو ته ان وقت چين جي 1978 ۾ في ڪس جي ڊي پي 156 آمريڪي ڊالر هئي ۽ 2024 ۾ في ڪس جي ڊي پي 13,306 آمريڪي ڊالر تائين پهچي وئي آهي.
تبديليءَ جي سياست غريب ملڪن جي ضرورت
ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪيترائي ملڪ غربت، غير جمهوري نظام، بيروزگاري، ڪمزور معيشت ۽ صنعتي پوئتي پيل جي اڻ کُٽ چاڪيءَ جي ڏاند واري دائري ۾ (Vicious Circle) ۾ ڦاسي پيا آهن. انهن جو في ڪس جي ڊي پي 200 کان 5,000 آمريڪي ڊالر جي وچ ۾ آهي، ۽ عوام جهنم جهڙي زندگي گذاري رهيو آهي. جيڪڏهن اِها صورتحال برقرار رهي ته وڌندڙ آبادي، خراب حڪمراني ۽ اندروني تڪرارن جي ڪري انهن کي وڌيڪ غربت جي اوڙاھ ۾ ڦٽي ڪندا. اهڙن حالتن جي موجودگيءَ ۾ غريب ملڪن کي تبديل ٿيڻ واري سياست جي سخت ضرورت آهي
تبديلي آڻيندڙ سياست جا فائدا
تبديلي آڻيندڙ سياست جي ڪري غريب ملڪ هيءُ فائدا حاصل ڪري سگهن ٿا:
سياست جو صدين جو نظام تبديل ٿيڻ سان، هيٺئين ۽ وچولي طبقي جا اڳواڻ طاقت حاصل ڪن ٿا، بند سماج کي ٻاهر ڪڍي دنيا سان ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪري ٿو. غربت ۽ بيروزگاري گهٽجي ٿي، ادارا جديد بڻجن ٿا، ڏتڙيل طبقن کي سياسي طاقت ملي ٿي، معاشي ترقي تيز ٿئي ٿي، سماجي مسئلا (گهر، پاڻي، تعليم، صحت، امن) حل ٿين ٿا، پراڻيون ريتن رسمون ختم ٿين ٿيون، عورتن کي برابري جا حق ملن ٿا، ترقيءَ جي مخالف طبقا ڪمزور ٿين ٿا، جديد ٽيڪنالاجي حاصل ٿئي ٿي، ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي ملي ٿي.
تبديلي آڻيندڙ سياست لاءِ خطرا
تبديلي آڻيندڙ سياست جيئن ته روايتي نظامن کي للڪاري ٿي، جنهنڪري پاڻ لاءِ خطرا به پيدا ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ تشدد ۽ وڳوڙي سياست به پيدا ٿي سگهي ٿي. ان سان گڏ معاشي نظام ۽ حڪمراني جي ادارن کي خطرو ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري تبديلي آڻيندڙ سياست ڪندڙ اڳواڻن کي انتهائي خبرداري ۽ رٿابنديءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو.
پڄاڻي
جاپان، ترڪي، سينگاپور، ڏکڻ ڪوريا ۽ ڊينگ زيا پينگ چائنه جي مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪو به ملڪ يا سماج تبديلي آڻيندڙ سياست استعمال ڪري پنهنجي سماج کي تيزيءَ سان ترقي وٺرائي سگهن ٿا. ان ما اِهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيئن سنيگاپور جي في ڪس جي ڊي پي 90,689 آمريڪي ڊالر تائين پهتي، جاپان جي جي ڊي پي 51,360 ڪٿي ترقي ڪئي، ۽ چائنه دنيا جي ٻي وڏي معيشت طور ظاهر ٿي.
تبديلي آڻيندڙ سياست غريب ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ انقلابي آواز آهي، جيڪو انهن کي غربت جي چڪر مان ڪڍي، ترقيءَ جي بلندين تي پهچائي سگهي ٿو. پر شرط هيءُ آهي ته ان کي احتياط، منصوبابندي ۽ عوامي شموليت سان لاڳو ڪيو وڃي، ته جيئن خطرا گهٽائي سگھجن ۽ وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪجن. سنڌ جي جيڪا هن وقت سياسي، سماجي ۽ معاشي حالت آهي ان لاءِ ته انتهائي ضرورت آهي ته تبديلي آڻيندڙ سياست جي جلد کان جلد شروعات ڪئي وڃي.
(همسري مئگزين جي ٿورن سان)