سنڌ حڪومت پاران ٽائر ساڙڻ ۽ پائرو لائسس پلانٽن تي پابندي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ٽائر ساڙڻ ۽ پائرو لائسس پلانٽن جي آپريشن تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي، سنڌ جي ماحولياتي سيڪريٽري زبير چنه موجب ٽائر ساڙڻ ۽ ناقص پائرو لائسس پلانٽن سببهوا، مٽي ۽ پاڻي سخت آلودگي جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته اهڙي عمل سان ساهه، دل ۽ ٻيون بيماريون به وڌي رهيون آهن، زبير چنه جو چوڻ آهي ته پائرو لائسس جهڙي خطرناڪ عمل سبب ڪراچي جي هوا جي آلودگي خطري واري سطح تائين پهچي چڪي آهي، هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ ايجنسي جي نالي سان نئين قاعدن جو مسودو تيار ڪيو آهي جنهن تحت ناقص ٻارڻ، ٽائر آئل ۽ غير محفوظ فيول جي تياري ۽ وڪري تي پابندي هوندي، زبير چنه موجب سڀني پلانٽن لاءِ لائسنس، ماحولياتي ڪنٽرول سسٽم ۽ خارج ڪرڻ جي حد مقرر هوندي، ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙي تي پلانٽ ضبط ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

  1. سنڌ سرڪار طرفان غريب فنڪارن جي مالي سهائتا بورڊ ۾ تبديلي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت غريب ۽ مستحق فنڪارن جي مالي سهائتا لاءِ قائم مينجمينٽ بورڊ ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون، ثقافت کاتي جي ترجمان موجب وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي منظوري سان چيف سيڪريٽري سنڌ نون ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ 2018ع ۾ جاري ٿيل انڊومينٽ ۽ وظيفن لاءِ ٺهيل بورڊ جو پراڻو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، نئين بورڊ ۾ ثقافت ۽ سياحت وارو ذوالفقار علي شاهه چيئرمين، سيڪريٽري ثقافت وائس چيئرمين، ۽ ڊي جي ڪلچر بورڊ جا سيڪريٽري ۽ ميمبر هوندا، ترجمان ٻڌايو ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو صدر، سکر آرٽس ڪائونسل جو صدر، سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري جنرل، گلوڪارا صنم ماروي، گلوڪار رجب فقير، اداڪار جاويد شيخ، ايوب خوسو، احسن خان، منيب بٽ، ليکڪه نورالهدى شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، يوسف بشير قريشي ۽ عرفان سمن پڻ ميمبر طور شامل آهن، ترجمان موجب نئون بورڊ غريب ۽ مستحق فنڪارن، شاعرن، ليکڪن ۽ اداڪارن جي مالي سهائتا لاءِ ڪم ڪندو، ۽ مالي امداد بورڊ جي گڏيل فيصلي سان جاري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.