” مان مظلومن جو آواز بڻجنديس“ پهريون ڀيرو فلسطيني حسينا مس يونيورس مقابلي ۾ شرڪت ڪندي

بئنڪاڪ( ويب ڊيسڪ) فلسطين پهريون ڀيرو مس يونيورس 2025ع مقابلي ۾ شرڪت ڪندو.
ٿائلينڊ ۾ هن سال نومبر ۾ ٿيندڙ مس يونيورس مقابلي ۾ سڄي دنيا مان 130 حسينائون شرڪت ڪنديون.
فلسطين طرفان”مس يونيورس فلسطين“ نادين ايوب پهريون ڀيرو مس يونيورس مقابلي ۾ حصو وٺندي.
نادين ايوب ادب ۽ نفسيات جي ڊگري رکندڙ آهي.
فلسطيني حسينا نادين ايوب پنهنجي بيان ۾ چيو ته هوءَ مظلوم فلسطينين جي نمائندگي پئي ڪري ، جن کي اسرائيلي ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ هوءَ غزا ۾ فلسطينين سان ٿيندڙ ناانصافي جي آواز بڻجڻ چاهي ٿي.
نادين ايوب جو چوڻ هو ته فلسطين دنيا جي هر فورم تي نظر ايندو، هاڻي فلسطين لاءِ خاموش نه ٿو رهي سگهجي.
واضح رهي ته ٿائلينڊ ۾ 21 نومبر تي مس يونيورس جو عالمي مقابلو ٿيندو.
گڏيل عرب امارتن جي مريم محم به مس يونيورس 2025 ۾ حصو وٺندي، جڏهن ته عراق، لبنان ۽ ايران جون حسينائون به عالمي مقابلي ۾ شرڪت ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.