حيدرآباد (پ ر) سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغار، علي نواز ڏاهري، انور رند ۽ بلاول لاشاري پريس بيان ۾ چيو آهي ته جاگيرداري نظام، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن، ڪئنالن، زرعي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻ، سارين سميت فصلن جا اگهه گهٽائڻ ۽ ٻج ۽ ڀاڻ مهانگو ڪرڻ خلاف گل سينٽر کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، پريس ڪلب تي پهچي ڌرڻو هنيو ويندو جنهن جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، اڳواڻن چيو ته سنڌي هاري تحريڪ سنڌ جي هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ سدائين جدوجهد جي ميدان ۾ رهي آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي وڪري کي ختم ڪيو وڃي، نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي مالڪن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، پيپلز پارٽي سرڪار سارين جا اگهه گهٽائي هارين جو معاشي قتلام ڪري رهي آهي.