اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ اي ٽي ايم مان رقم ڪڍڻ بعد واپس ويندڙ نوجوان کي ڏوهارين ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪري ڇڏيو، نجي ٽي وي چينلز جي رپورٽ موجب اسلام آباد جي ٿاڻي نون جي حدن ۾ گولڙه موڙ چوڪ تي نوجوان کي ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ماريو ويو، اکين ڏٺن شاهدن موجب اي ٽي ايم مان پيسا ڪڍڻ کان پوءِ نوجوان واپس ٿيو ته ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي ثبوت گڏ ڪيا ۽ علائقي جا اچڻ ۽ وڃڻ وارا رستا بند ڪري ڇڏيا.
-
ٽريفڪ چالان کان اڳ ڪراچي جا روڊ ٺاهيو:سنڌ اسيمبلي ۾ رٿ جمع
ڪراچي(رپورٽر)ايم پي اي محمد عامر صديقي صوبائي اسيمبلي سنڌ ۾ هڪ اهم تحريڪِ التوا جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ترقي يافته شهرن جا قانون ڪراچي جهڙي خستہ حال شهر تي لاڳو نٿا ڪري سگهجن۔ محمد عامر صديقي جو چوڻ هو ته جيستائين روڊن ۽ ٽريفڪ نظام ۾ سڌارو نٿو آڻي، تڏهن تائين ٽريفڪ چالان فوري طور تي بند ڪيا وڃن،هن چيو ته ڪراچي جا شهري اڳ ئي ڀڳل ٽٽل روڊن، بند سگنلن ۽ خراب ٽريفڪ نظام جو شڪار آهن، انهن تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي۔ ايم پي اي محمد عامر صديقي پاران ايون سان اپيل ڪئي وئي ته محڪمه ٽريفڪ ۽ ٽرانسپورٽ ڪراچي جي شهرين کي فوري رليف فراهم ڪري، عارضي طور تي ٽريفڪ چالان روڪيا وڃن