مريم نواز جي”انتهائي اهم شخصيت“ کي عهدو ڏيڻ جي سفارش شهبازشريف رد ڪري ڇڏي؟

اسلام آباد (اجمل جامي)سينيئر صحافي حامد مير پنهنجي تازين تبصرن ۾ وڏو انڪشاف ڪيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اندروني اختلافن ۽ پيپلز پارٽي سان جاري “نورہ ڪُشتي” جو مرڪز اصل ۾ وزيراعظم شهباز شريف آهي، جنهن مريم نواز جي هڪ وڏي سفارش کي رد ڪري ڇڏيو.حامد مير موجب، مريم نواز ۽ ن ليگ جي ڪجهه بااثر حلقن طرفان ڪنهن “انتهائي اهم شخصيت” کي اهم عهدي تي مقرر ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، پر شهباز شريف ان سفارش کي تسليم نه ڪيو. ان فيصلي کانپوءِ شهباز شريف خلاف ناراضگي وڌي وئي ۽ هاڻي سياسي محاذ آرائي جو مرڪز به ساڳيو بڻجي ويو آهي.حامد مير جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ “اطمينان واري صورتحال” ايتري وڌيڪ آهي جو اڳوڻي ڪنهن به وزيراعظم کي اهڙي سهولت حاصل نه هئي.شهباز شريف اهڙو وزيراعظم آهي جيڪو هر فيصلي کان اڳ ادارن سان هم آهنگ رهي ٿو، تنهنڪري اسٽيبلشمينٽ کي انهن تي ڪو اعتراض ناهي، نه ئي ڪا شڪايت.هن جو اشارو واضح طور اهو ڏيکاري ٿو ته شهباز شريف جي حڪومت کي في الحال اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو مريم نواز يا بلاول ڀٽو لاءِ وزيراعظم جو عهدو حاصل ڪرڻ مشڪل ڏسجي ٿو.حامد مير اهو به ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ “اڌ اڌ عرصي لاءِ وزارتِ عظمى” جو فارمولو زيرِ بحث رهيو، جنهن ۾ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي اڍائي اڍائي سال وزيراعظم جي سيٽ ملڻي هئي، هاڻي نه بلاول ڀٽو کي، نه ئي مريم نواز کي موجوده سيٽ اپ ۾ وزارتِ عظمى جو ڪو امڪان آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 08 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.