موري ڀرسان گهر اندر سُتل 2 عورتن مٿان فائرنگ، هڪ قتل، ٻي زخمي

مورو (ن ع آ) مورو ڀرسان دلبر آباد ۾ فائرنگ، هڪ عورت قتل، ٻي زخمي، درس ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ دلبر آباد ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جتي گهر اندر ستل ٻن عورتن مٿان مبينا فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ هڪ عورت شمع زال صادق چانڊيو موقعي تي زخمن جا سور نه سهندي قتل ٿي وئي، جڏھن ته ٻي عورت صغريٰ چانڊيو سخت زخمي ٿي پئي زخمي عورتن کي وارثن ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان مورو اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن شمع چانڊيو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، صغريٰ چانڊيو کي ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي مخالف ڌر سان پراڻي دشمني هلندي پئي اچي، جنهن جي نتيجي ۾ سڪندر چانڊيو ۽ سندس ساٿين رات جي وقت گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ عورت قتل ۽ ٻي سخت زخمي ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.