فزڪس نوبيل انعام آمريڪي، فرانسيسي ۽ برطانوي سائنسدانن جي نانءٌ

اسٽاڪ هوم(ع آ نيوز) سوئيڊن جي رائل اڪيڊمي آف سائنسز 2025ع لاءِ فزڪس جو نوبيل انعام گڏيل طور 3 سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.نوبيل پرائز ماڻيندڙ هڪ سائنسدان آمريڪي، هڪ فرينچ ۽ هڪ برطانوي آهي، پر ٽيئي هن وقت آمريڪي يونيورسٽين ۾ درس ۽ تدريس جي شعبي سان واڳيل آهن.فزڪس جو نوبيل انعام جان ڪلارڪ، مشيل ايڇ ڊيوريٽ ۽ جان ايم مارٽينس جي نالي رهيو. ٽنهي کي اِهو اعزاز مائڪروسڪوپڪ ڪوانٽم ميڪينيڪل ٽنلنگ ۽ اليڪٽرڪ سرڪٽ جي توانائي جي ڪوانٽائيزيشن جي دريافت تي ڏنو ويو. نوبيل ڪاميٽي ڪوانٽم ورلڊ جي ڇرڪائيندڙ خاصيتن کي اجاگر ڪرڻ تي ٽنهي سائنسدانن جي ڪم کي ساراهيو. نوبيل انعام سان گڏ ملندڙ 11 لک ڊالرز جي رقم به ٽنهي سائنسدانن ۾ ورهائي ويندي. سندن تحقيق سان نئين نسل لاءِ ڪوانٽم ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪوانٽم ڪرپٽوگرافي، ڪوانٽم ڪمپيوٽر ۽ ڪوانٽم سينسرز جا دَڳ کُليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.