ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ 11 ٻارن جي پيءُ جي سڃاڻپ ڪارڊ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت نادرا آفيسر جي غلط بياني تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت نادرا اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ويريفڪيشن کي حراست ۾ وٺڻ جو حڪم به ڏنو، عدالت شهري جي پاسپورٽ ۽ رهائشي سرٽيفڪيٽ کان مطمئن آهي، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي نادرا کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نادرا شهرين کي غير ضروري طور تي تنگ ڪري رهيو آهي، جنهن وٽ سڀئي دستاويز آهن ان کي ڪارڊ ڇو نه ملي رهيو آهي؟ نادرا آفيسر پنهنجي موقف ۾ چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ خاندان جو ميمبر يا ٻه شاهد گهربل آهن، درخواستگذار جو ڪيس تصديق لاءِ آءِ بي ڏانهن موڪليو ويو.