غزا(م ڊ) غزه ۾ 7 آڪٽوبر 2023 تي شروع ٿيندڙ اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطيني نسل ڪشي ٻن سالن کانپوءِ به جاري آهي. حملن ۾ غزا جي 3 سيڪڙو آبادي شهيد ۽ 90 سيڪڙو شهر تباهه ٿي ويو آهي. اسرائيلي جارحيت جو آغاز 7 آڪٽوبر 2023 تي تڏهن ٿيو، جڏهن فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري وِنگ القسام بريگيڊز ۽ ٻين فلسطينيگروپن ڏکڻ اسرائيل تي حملا ڪيا، جن ۾ 1100 کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا ۽ لڳ ڀڳ 240 ماڻهن کي گرفتار ڪري غزه طرف نيو ويو. ان جي جواب ۾ اسرائيل غزه تي وحشياڻي بمباري شروع ڪئي ۽ 16 سالن کان جاري ناڪابندي کي مڪمل گهيري ۾ تبديل ڪندي ان کي وڌيڪ سخت بڻايو. ٻن سالن کان جاري اسرائيلي حملا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 67 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهو اڃا تائين کنڊرن هيٺ دٻيل آهن.اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته جنگ کان اڳ غزه جي آبادي جو لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو، يعني هر 33 مان هڪ شخص شهيد ٿي ويو آهي. شهيد ٿيلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار ٻار به شامل آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيل گذريل 24 مهينن دوران هر ڪلاڪ ۾ هڪ ٻار شهيد ڪيو آهي. غزه جي جنگ صرف شهادتن تائين محدود ناهي، هن جنگ ۾ هن وقت تائين 1 لک 69 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان ڪيترن جا زخم مستقل معذوري جو سبب بڻيا آهن.اسرائيل غزه جي تقريباً سڀني اسپتالن ۽ طبي مرڪزن کي نشانو بڻايو آهي۔ گذريل ٻن سالن دوران گهٽ ۾ گهٽ 125 طبي مرڪزن کي نقصان پهتو آهي، جن ۾ 34 اسپتال شامل آهن، جنهن سبب هزارين مريض بنيادي طبي سهولتن کان محروم ٿي ويا آهن۔اسرائيلي حملن ۽ بمباري جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1722 طبي ۽ امدادي ڪارڪن شهيد ٿي چڪا آهن. هوڏانهن فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس چيو آهي ته اها آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي جي بنياد تي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدي جي حامي آهي، پر ڪجهه بنيادي شرطون اڃا به قائم آهن. حماس جي سينيئر اڳواڻ فوزي برهوم 7 آڪٽوبر 2023 جي حملي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ته مصر ۾ موجود حماس جو وفد اهڙي معاهدي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو غزه جي عوام جي اميدن تي پورو لهي. فوزي برهوم چيو ته ڪنهن به معاهدي ۾ جنگ جي مڪمل پڄاڻي ۽ اسرائيلي فوج جي غزه مان مڪمل واپسي جي ضمانت شامل ٿيڻ لازمي آهي، اهي شرطون جيڪي اسرائيل اڳ ۾ رد ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حماس اهڙو معاهدو چاهي ٿي جنهن ۾ مستقل ۽ جامع جنگبندي، اسرائيلي افواج جي مڪمل نيڪالي، انساني امداد جي غير مشروط داخلا، بي گهر فلسطينين جي واپسي، قيدين جي مٽاسٽا، ۽ فلسطيني ماهرن جي نگراني هيٺ غزه جي ٻيهر تعمير شامل هجي.