اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته اڪيلو ٽرمپ جي آئي جيڪو بدمعاش نيتن ياهو کي لغام وجهي سگهي ٿو، ڇو ته ٽرمپ ئي کيس فيس سيونگ ڏئي رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مشاهد حسين سيد چيو ته غزا جنگ کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن، نيتن ياهو جنگ جي شروعات ۾ اعلان ڪيو هو ته هو حماس جو خاتمو ڪندو پر اڄ حالتون اهي آهي جو هو ان ئي حماس سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن جنگبندي ٿي وڃي ٿي ته نسل ڪشي ۽ قبضي جي پاليسي جو خاتمو ممڪن ٿيندو ۽ غزا جي بکايل فلسطينين کي امداد جي فراهمي شروع ٿيندي. سندس چوڻ هو ته اولهه ملڪن ۾ عوام جو وڏو انگ فلسطينين لاءِ نڪتو آهي ۽ هاڻ اولهه دنيا ۾ اسرائيل جي حمايت مخالفت ۾ تبديل ٿي رهي آهي.