توهين عدالت ڪيس ۾ ابراهيم حيدري چيئرمين سوڌو 6 آفيسر معطل

ڪراچي (رپورٽر)سندھ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي ايم سي گڊاپ ۽ ابراهيم حيدري وچ ۾ ٽيڪس تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت توهينِ عدالت واري ڪيس ۾ ٽي ايم سي ابراهيم حيدري جي چيئرمين سميت 6 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، معطل آفيسرن ۾ ٽائون مونسپل ڪمشنر، ڊائريڪٽر ٽيڪس، ڊپٽي ڊائريڪٽر، ٽيڪس آفيسر ۽ ڪنٽريڪٽر شامل آهن، عدالت اڳ ۾ ٽيڪس تڪرار جي حل لاءِ معاملو وڏي وزير سنڌ آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، درخواستگذار جي وڪيل احمد مسعود موجب ابراهيم حيدري انتظاميه جامشورو تي غيرقانوني چنگي قائم ڪئي ۽ عدالتي حڪمن جي ابتڙ غيرقانوني ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي، گڏاپ ٽائون جي وڪيل ٻڌايو ته ناظر جي رپورٽ ۾ به غيرقانوني چنگي جي تصديق ٿي آهي، عدالت معطل آفيسرن کان شوڪاز نوٽيس جو جواب ايندڙ ٻڌڻي تائين طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.