سنڌ جي زراعت کي منافعي خور مافيا کان بچائڻ جي ضرورت

تحرير:ڊاڪٽر دلدار لغاري

پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، پر بدقسمتي سان پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ حڪمران طبقي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون آهن، جيڪي هارين، آبادگارن ۽ زرعي مزدورن کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيون آهن. هاري، آبادگار ۽ زرعي روزگار تي ٻڌل ڪٽنب اڄ شديد ڏکن، بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، سنڌ جي حڪمرانن زراعت کي تباهه ڪري هارين ۽ ننڍن آبادگارن جو معاشي قتلام جاري رکيو آهي، صرف هن سال مارچ کان وٺي پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب انب، ڪيلا، ڀاڄيون ۽ خاص ڪري ڪڻڪ جو فصل سخت متاثر ٿيو. ڪيلي ۽ انبن جي باغن ۾ اربين روپين جو نقصان ٿيو ۽ هزارين هاري ۽ مزدور روزگار کان محروم ٿيا.

سنڌ حڪومت ڪڻڪ لاءِ امدادي اگهه مقرر نه ڪيو ۽ هارين کي سيٺ مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو، هارين کان ڪڻڪ 1800 کان 2400 روپيا في مڻ خريد ڪئي وئي، جڏهن ته اها ڪڻڪ واپارين وٽ پهچي 5000 روپيا في مڻ کان به وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي، جن هارين ۽ مزدورن کان 1800 روپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، ساڳين هارين کي 5000 روپين کان به وڌيڪ في مڻ جي حساب سان اٽو خريد ڪرڻو پئي ٿو. انهيءَ عمل سان ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي وڏو معاشي ڌڪ لڳو. ساڳئي نموني ڪمند، ڦٽي، ٽماٽي ۽ بصر سان به ساڳيو حشر ڪيو ويو. اڄ ٽماٽو مارڪيٽ ۾ 250 کان 300 روپيا في ڪلو وڪامي رهيو آهي، پر جڏهن سنڌ جي هارين جو ٽماٽو مارڪيٽ ۾ ايندو آهي ته ان جو اگهه رڳو 10 کان 15 روپيا في ڪلو ٿيندو آهي. هن وقت سارين جو فصل تيار آهي، پر ان جو اگهه تيزي سان گهٽايو ويو آهي. ڏهه ڏينهن اڳ ساري 3500 روپيا في مڻ هئي، هاڻي اها 1800 کان 2200 روپيا في مڻ تي خريد پئي ٿئي.

ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن جا اگهه آسمان تي پهتل آهن. ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري جيڪا هڪ مهينو اڳ 11800 روپيا هئي، اها هاڻي 14200 روپيا ٿي وئي آهي. 23:23 ڀاڻ جي ٻوري 7500 مان وڌي 9000 تائين پهچي وئي آهي. پوٽاش 9500 مان وڌي 12500 ٿي وئي آهي. اهڙي نموني سان زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن وڏن سرمائيدارن کي فائدو ڏنو پيو وڃي. سنڌي هاري تحريڪ سمجهي ٿي ته حڪمرانن جو مقصد آبادگارن کي نقصان ڏيڻ آهي ته جيئن هو زمينون ڀڳڙن مٺ وڪڻي ڇڏين ۽ اهي زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ وڏين ڪمپنين حوالي ڪري سگهجن. اهو ئي سبب آهي جو هارين ۽ مزدورن جو حال اڄ ايترو خراب آهي جو هو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. وڏيرا ۽ جاگيردار هارين سان حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هارين وٽ نه زمين جو ٽڪرو آهي ۽ نه ئي سندن ٻارن لاءِ تعليم ۽ روزگار جو ڪو مستقبل آهي.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ به سياسي اثر رسوخ جي بنياد تي ٿيندي رهي آهي. حڪومتي وڏيرن، ميرن، پيرن، سردارن، جاگيردارن، وزيرن ۽ مشيرن کي ترجيح ڏئي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ننڍڙا آبادگار ۽ هاري پاڻي کان محروم آهن. ان ناانصافي سبب ساريون، انب، ڪيلا ۽ ڀاڄيون سڪي ويون آهن، فصلن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ هزارين هاري بيروزگار ٿيا آهن. هڪ طرف پنجاب ۾ ٻوڏ جو بهانو بڻائي ڪالاباغ ڊيم لاءِ شدت سان مهم هلائي ويئي ته ٻي طرف پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز اسان جو پاڻي، اسان جي مرضي، اسان جا پئسا اسان جي مرضي ۽ چولستان ڪئنال منصوبن لاءِ بيان ڏئي سنڌ جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو آهي، پنجاب جي حڪمرانن جي اهڙي سنڌ دشمن رويي جي جيڪا مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. اسان سنڌ جا لکين ننڍا آبادگار ۽ هاري پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز ۽ سندس ساٿاري پيپلز پارٽي جي حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جو عوام سنڌو درياهه تي ڪنهن به ڪئنال، ڪٽ ۽ ڊيمن کي برداشت نه ڪندو. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جا جاگيردار سنڌ ۾ پنهنجي بادشاهت قائم رکڻ لاءِ ۽ وفاقي سرڪار کان حصو پتي وٺڻ لاءِ سنڌ جون زمينون، وسيلا، درياهه سڀ ڪجهه وڪڻڻ لاءِ تيار آهن، اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي حڪمراني تي قابض وڏيرڪو، ڀوتار انھي قابل ئي ناھي جو ھو سنڌ جي زندگي ۽ موت جھڙن مسئلن کي منھن ڏيئي سگھي ڇاڪاڻ ته ھو ڪرسي وٺڻ لاءِ اسٽيبليشمينٽ وٽ وڪاميل آھي، ھن ۾ اھڙي جرئت ئي ڪونھي جو سنڌ جي خلاف ٿيندڙ وڏن فيصلن خلاف وڃي سگھي ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ جي جاگيردارن جي سمورين پارٽين جا نام نهاد سياسي اڳواڻ سنڌ جي ڦرجندڙ ۽ لٽجندڙ وسيلن مان صرف ذاتي حصي تي راضي آھن، انڪري اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ درياهه جي تحفظ لاءِ سنڌ جي هارين، مزدورن، شاگردن، ملازمن جي گڏيل جدوجهد لازمي آهي.

شگر ڪنٽرول ايڪٽ 1950 ۽ زراعت کاتي جي نوٽيفڪيشن باوجود عمل نٿو ٿئي. شگر مل مالڪ آبادگارن کان ڪمند گهٽ اگهن تي خريد ڪري وڏو نفعو حاصل ڪن ٿا ۽ بقايا رقم به ادا نه ڪندا آهن. سنڌي هاري تحريڪ جو مطالبو آهي ته مل مالڪن کي قانوني طور پابند ڪيو وڃي، بقايا رقم جي فوري ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ظلم ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. مارڪيٽ ڪميٽي ايڪٽ جي باوجود مارڪيٽ ڪميٽيون صرف وڏن واپارين کي تحفظ فراهم ڪري رهيون آهن. ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائن تي ڏني ويندڙ سبسڊي به صرف وڏن زميندارن تائين محدود آهي. اها سبسڊي ننڍن آبادگارن ۽ هارين تائين پهچائي وڃي. ڀاڻ ۽ ٻج جي قيمتن تي ضابطي لاءِ شفاف ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ۽ مارڪيٽن ۾ قيمتون منصفاڻي بڻائڻ لاءِ گهربل قدم کنيا وڃن.جڏهن مقامي هارين جا فصل مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ته وفاقي سرڪار بي وقت ۽ بي ضابطا درآمدون ڪري مارڪيٽ تي دٻاءُ وڌائي ٿي. ان سان مقامي پيداوار جا اگهه ڪيرايا وڃن ٿا. اسان جو مطالبو آهي ته درآمد جو اختيار هڪ مخصوص اداري تائين محدود نه هجي پر شفاف طريقيڪار سان هجي جنهن ۾ هارين، آبادگارن ۽ صوبائي نمائندن کي نمائندگي ڏني وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽيننسي ايڪٽ ۾ سڌارا آڻي ان تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو هارين لاءِ هڪ تاريخي فيصلو هو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ حڪومت انهي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي. اهو عمل سنڌ جي جاگيردار شاهي حڪمرانن جو شرمناڪ ڪردار آهي، جيڪو هارين کي سندن قانوني ۽ زميني حقن کان محروم ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌي هاري تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته ٽيننسي ايڪٽ تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل واپس ورتي وڃي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي هڪ اعليٰ عدالتي انڪوائري ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا مافيا ۽ ڪارپوريٽ مفادن جي نيٽ ورڪن جو پورو جائزو وٺي ۽ جيڪي گروپ منصوبا بندي سان ڪڻڪ، کنڊ يا ٻين فصلن جو بحران پيدا ڪن ٿا انهن کي قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سخت سزا ڏني وڃي. عدالتن جي فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ متاثر هارين کي تڪڙو انصاف ڏنو وڃي.

اسان جو مطالبو آهي ته مقامي فصلن ۽ خاص ڪري ڦٽين، ڪڻڪ، ڪمند، سارين ۽ ٻين اهم فصلن کي ايڪسپورٽ ڪرڻ جو حق ۽ منافعو سڌو سنئون هارين ۽ آبادگارن تائين پهچڻ گهرجي. ايڪسپورٽ لائسنس، ٽيڪس رعايتون ۽ سبسڊيز هارين جي ڪوآپريٽو بئنڪن ۽ ايسوسيئيشنن تائين مختص ڪيون وڃن ته جيئن واپاري مافيا جو خاتمو ٿئي.سنڌي هاري تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ ۽ ملڪ مان جاگيرداري ۽ سرداري نظام ختم ڪيو وڃي. جاگيردارن کان زمينون واپس وٺي مقامي هارين ۾ ورهايون وڃن، سنڌي هاري تحريڪ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي ملازمن جي مطالبن ۽ انهن جي تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. سنڌي هاري تحريڪ پيڪا آرڊيننس ۽ ڇويهين ترميم ۾ ڪيل عوام دشمن ترميمن جي مذمت ڪندي انهن کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ٿي. سنڌي هاري تحريڪ پنهنجي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي، جاگيرداري نظام، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪالاباغ سميت سمورن ڊيمن، ڪئنالن ۽ زرعي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻ خلاف 8 آڪٽوبر تي، صبح جو 11 وڳي گل سينٽر کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي رهي آهي. هن ريلي ۾ هاري، هارياڻين ۽ سنڌ دوست ساڃاهه وند شرڪت ڪندا. اسان اپيل ڪريون ٿا ته سنڌ جي صحافين، استادن، اديبن، شاگردن، وڪيلن ۽ عوام کي وڏي انگ ۾ هن احتجاجي جدوجهد ۾ شامل ٿي سنڌ جي زراعت ۽ هارين جي بچاءَ لاءِ اسان جو ساٿ ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.