لکين ماڻهو دربدر آهن، پ پ ۽ ن ليگ ۾ بي حيائي جو مقابلو آهي:سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلافن کان پوءِ پي ٽي آءِ سرگرم ٿي وئي آهي.تحريڪ انصاف، پاڪستان پيپلز پارٽي کي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو ته هن وقت پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ مقابلو هلي رهيو آهي، امداد متاثر ماڻهن تائين ته نه پهتي، لڳي ٿو ته سندن پنهنجي کيسن تائين پهتي آهي. مقابلو هلي رهيو آهي ته ڪنهن ڪيتريون پريس ڪانفرنسون ڪيون، ڪيتريون تصويرون ڪڍرايون. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ حڪومت ڪئي، هاڻ اهي ماڻهو بي حيائي سان مقابلو ڪري رهيا آهن ته ڪنهن قوم کي گهٽ ڌوڪو ڏنو آهي. هن چيو ته اڄ به ٻارڙا جيڪي ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن، اهي کليل آسمان هيٺ بکيا سمهڻ تي مجبور آهن، ان باوجود ٻنهي جماعتن جو ضد آهي ته کين ٽرافي ڏني وڃي. مان پي ٽي آءِ جي طرفان انهن کي بي حسي، نااهلي ۽ لالچ جي ٽرافي ڏيان ٿو. سينيٽر علي ظفر چيو ته ڪپهه جي کوٽ جو اثر ٽيڪسٽائيل ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن تي پوندو. حڪومت ۽ اتحادي جماعتون پاڻ ۾ راند ڪري رهيون آهن. سيلاب ته قدرتي هو، پر تباهي جا ذميوار حڪومت ۽ ان جا اتحادي آهن. پاسڪو کي ختم ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سيلابي موسم اچڻ کان اڳ ئي ڪڻۡڪ جا ذخيرا ختم ٿي ويا. پي ڊي ايم ايز کي فنڊ ناهن ڏنا ويا. اهي جملا ختم ٿيڻ سان ئي ايوان ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جي سينيٽرن جي وچ ۾  ڏند چڪ شروع ٿي وئي. پي ٽي آءِ سينيٽر چيئرمين جي ڊائس اڳيان گڏ ٿي ويا. پي ٽي آءِ سينيٽرن چيو ته جيستائين اسان جي پارلياماني ليڊر کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو، اسين به ڪنهن کي ڳالهائڻ نه ڏينداسين. اوهان جي پارلياماني ليڊر کي 15 منٽ ڳالهائڻ ڏنو ويو. وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته بليڪ ميلنگ نه هلندي، هڪ ته اوهان غلط ڳالهه ڪيو ٿا، غلط انگ اکر پيش ڪيو ٿا، ته اهڙو طريقو نه هلندو. پي ٽي آءِ سينيٽرن چيو ته جيستائين اسان جي پارلياماني ليڊر کي ڳالهائڻ نه ڏنو ويندو، اسين نه وينداسين. ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چيو ته جيستائين اوهان پنهنجي سيٽن تي نه ويهندا، مان انهن کي ڳالهائڻ نه ڏيندس. پي ٽي آءِ جي احتجاج کان پوءِ سينيٽر علي ظفر کي ٻيهر ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. سينيٽر علي ظفر ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو. سينيٽر علي ظفر چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي. راوي جي ڪناري تي روڊا ٺهرايو ويو، جنهن جي اجازت پنجاب حڪومت ڏني. اسان جي معيشت وینٽيليٽر تي آهي ۽ حڪومت تصويرون ٺهرائڻ ۾ مصروف آهي.ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چيو ته ته پوءِ حڪومت ڇا ڪري؟ ٻڌايو ته! سينيٽر علي ظفر چيو ته اسان جي معيشت وینٽيليٽر تي آهي. ان تي قائم مقام چيئرمين سينيٽ چيو ته ته پوءِ ڇا شوڪت ترين کي ٻيهر آڻيون؟ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته ٻوڏ هڪ قدرتي آفت هئي، ۽ قدرتي آفتن آڏو انساني تدبيرون ڪم نٿيون اچن. اڄ دنيا اسان جي ڳالهه ٻڌي رهي آهي. اڄ آمريڪا به اسان جي ڳالهه ٻڌي رهيو آهي. اوهان جو ته فون به ڪو نه کڻندو هو. ايمل ولي جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي آهي، وزيراعظم کيس پنهنجي دورن بابت سڀ ڪجهه ٻڌايو.اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر آڇ ڪئي آهي ته پ پ سنجيده آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻي اسان ساٿ ڏينداسين، اسان پ پ جي فرينڊلي فائر جي آجيان ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.