وفاقي حڪومت نئين آمريڪي پاليسي تي پارليامينٽ کي فوري اعتماد ۾ وٺي\رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني زور ڏنو آهي ته وفاقي حڪومت کي نئين آمريڪي پاليسي بابت پارليامينٽ کي فوري اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. پريس رليز ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام يا پارليامينٽ کي آمريڪا سان لاڳاپن جي نئين خدوخال بابت آگاهه ناهي ڪيو، عوام کي پرڏيهي پاليسي بابت ڄاڻڻ جو حق آهي، تاريخ ۾ آمريڪا ڪڏهن به اعتماد جوڳو دوست ثابت ناهي ٿيو جنهن تي ڀاڙي سگهجي. آمريڪي ڪمپني يو ايس اسٽريٽجڪ ميٽلز کي قيمتي ۽ ناياب معدنيات وڪري بابت معاهدي جا تفصيل بدقسمتي سان ميڊيا ذريعي سامهون آيا. ان معاملي جي حقيقي ڌر صوبا آهن جن کي سي سي آءِ ذريعي اعتماد ۾ وٺڻ گهربو هو. رضا رباني نشاندهي ڪئي ته وفاقي حڪومت اهو سمجهڻ ۾ ناڪام رهي ته آئين جي آرٽيڪل 172 موجب صوبن جو معدني وسيلن ۾ 50 سيڪڙو حصو آهي. صوبن وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ منرلز قانون کي رد ڪيو هو، ان قانون تي خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ مخالفت ڪئي وئي ۽ ان وسيلن جي ڪنٽرول تي بحث کي جنم ڏنو. رضا رباني چيو ته عالمي ميڊيا وٽان اهو ڄاڻڻ ڳڻتي جوڳو آهي ته پسني بندرگاهه واشنگٽن کي ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي اهو علائقائي لاڳاپن تي ڳنڀير اثر وجهندو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ان تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم بيان ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو آمريڪا ٿيل مبينا ڳجهن معاهدن جا تفصيل ظاهر ڪن. هن چيو ته حڪومت مبينا طور پسني بندرگاهه آمريڪا کي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي، اهڙا غير ذميوراڻا، يڪطرفا ۽ ڳجها معاهدا ملڪ جي اڳ ئي نازڪ صورتحال کي ڀڙڪائي ڇڏيندا. پارليامينٽ ۽ قوم کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ اهڙن معاهدن جا تفصيل عوام سامهون رکيا وڃن. ٻئي پاسي سڪيورٽي ذريعن اهڙين رپورٽن ۾ ڪيل دعوائن جي ترديد ڪندي چيو هو ته اها تجويز هڪ واپاري خيال هئي، سرڪاري پاليسي نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.