موئن جي دڙي جي عظيم مٽي جنهن دنيا جا ڪيترائي سج اڀرندي ۽ لهندي ڏٺا پر يقين سان چئي سگهجي ٿو ته 7 آڪٽوبر 1901ع واري شام هڪ عظيم شام هئي ان شام جي پهر جي خوشبوءِ مان ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، ڀلي آئي جي آئي درياهه شاهه“ جي آوازن جي گونج اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي.
7 آڪٽوبر 1901 تي سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بکوديرو ۾ جنم وٺندڙ حيدر بخش جتوئي هڪ تاريخي شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس والد الله داد خان جتوئي پنهنجي تر جو زميندار هو. حيدربخش جتوئي ابتدائي تعليم ڀر واري ڳوٺ ”پٺاڻ“ مان حاصل ڪئي ان کان پوءِ والد جي خواهش مطابق سنڌ مدرسته الاسلام لاڙڪاڻو مان مئٽرڪ جو امتحان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪري سڄي سنڌ ۾ نمايان رهيو.
حيدربخش جي زندگيءَ جو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهي. هتي سراسري نظر وجهڻ سان پتو پئي ٿو ته هو پنهنجي زندگيءَ جي ڪيترن ئي رخن جو مالڪ هو. هن پنهنجي تعليم ڪراچيءَ جي ڊي جي سنڌ ڪاليج مان 1927ع ۾ B.A Honors جي ڊگري وٺي مڪمل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ حيدر صحافت، ڪامورا شاهي، شاعري، تاريخ ۽ تحريڪ ۾ پڻ پاڻ مڃايو. حيدربخش جي اها تحريڪ جيڪا سنڌ ۾ ”هاري تحريڪ“ سان مشهور آهي ان هاري (ڪڙمين) واري تحريڪ سندس دلي خواهش ۽ وڏي جوش ۽ جذبي واري تحريڪ هئي جنهن ان دور جي تمام وڏي ڪرسي (ڊپٽي ڪليڪٽر) کي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو1927ع ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ مختيارڪار جو امتحان پاس ڪري 1931ع ۾ مختيارڪار ٿيو 1941ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر تي پهچي آخرڪار 1943ع ۾ استعفيٰ ڏئي وڃي مزدورن جو هڏڏوکي ٿيو جتان کيس وڏي شهريت ملي ۽ سنڌ جو لازوال هيرو ۽ باباءِ سنڌ بڻجي ويو.
سنڌ هاري تحريڪ جو بنياد ان ڪري پيو ته سنڌ ۾ انگريزن طرفان ٺهرائيندڙ سکر بئراج کانپوءِ سنڌ جي هارين کي خوف هيو ته سنڌ جي زمين انگريز سرڪار يا ڪنهن هندو وڏيري جي هٿن ۾ هلي ويندي ڇاڪاڻ ته سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي زمينن جي اهميت وڌڻ لڳي ان کان پهرين سنڌو دريا جي پاڻي تي ڪو به ضابطو نه هو. سال 1930ع ۾ ميرپور خاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ ٿي جنهن جي صدارت مشهور صوفي منش جمشيد مهتا پارسي ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ هڪ نئين تنظيم ”سنڌ هاري ايسوسيئيشن“ جي نالي سان وجود ۾ آئي. سنڌ هاري ايسوسيئيشن جي بنياد وجهندڙ پرنسيپال گوکلي، ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد هئا. سنڌ هاري ايسوسيئيشن هارين لاءِ پاڻ پتوڙيو پر بنيادي طور تي اها تنظيم اپريل 1936ع ۾ ٽنڊو ڄام ۾ وجود ۾ آئي. هن تنظيم ۾ خاص طور تي پورهيتن ۽ مزدورن جو هٿ هو جنهن جي ڪري هن پارٽيءَ جو نالو ”سنڌ هاري ۽ مزدور پارٽي“ ۽ بعد ۾ صرف هاري پارٽي رکيو ويو جيڪا اڳتي هلي سنڌ هاري تحريڪ سان مشهور ٿي. حيدر بخش جتوئي 1943ع ۾ هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي ان جو صدر چونڊجي ويو پنهنجي صدارتي دور ۾ هن سنڌ جي هارين لاءِ ڏاڍي جدوجهد ڪئي. ايسيتائين جو سنڌ جا زميندار هارين سان مهاڏو اٽڪائڻ کان قاصر ٿي پيا ۽ ڪڙمي کي اَن جي بٽئي جو اڌو اڌ ڏيڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ ڪڙمين کي خوشحالي جا وڌيڪ موقعا ميسر ٿيا.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ان تحريڪ ۾ ڪيترائي ٻيا به معتبر ۽ معزز ماڻهو شامل ٿيا ۽ هارين ان وقت جي جاگيردارن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايو ۽ ان کانپوءِ 1951۾ سنڌ اسيمبلي جي چونڊ لاءِ جتوئي کي لاڙڪاڻو ضلعي جي قمبر ۽ وارهه واري تڪ مان سنڌ جي هڪ وڏي جاگيردار احمد سلطان چانڊيو جي مقابلي ۾ اميدوار بيهاريو ويو جيڪو هاري پارٽيءَ جو هڪ وڏو امتحان هو پر هاري تحريڪ اها سيٽ نه کٽي سگهي ۽ ان کانپوءِ ڪامريڊ کي سرڪار جيل حوالي ڪري ڇڏيو.
1945ع ڌاري شايع ٿيندڙ هي اخبار هارين جي هڏوڏوکي ۽ انهن جي ڏکن سکن کي قلمبند ڪندڙ واحد اخبار هئي جنهن جو ايڊيٽر حيدر بخش پاڻ هو اها اخبار سالن تائين سنڌ جي هارين جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ وڏو نالو ڪمايو جيڪا پڻ حيدر بخش جي وڏي ۾ وڏي سڃاڻپ آهي. پاڻ تحفه سنڌ (انگريزن جي دور ۾ ضبط ڪيل) آزادي ۽ قوم، هاري گيت ۽ جيئي سنڌ جيئي سنڌ جهڙا شاهوڪار شعري مجموعه ۽ نثر ۾ هاري انقلاب ڪتاب شايع ڪري سنڌ جي سونهن کي اجاگر ڪيائون.
حيدر بخش جتوئي جي شاعري مجموعي کي پڙهڻ سان دل باغ بهار ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو عشق سمايل آهي. انهيءَ عشق جو محور سرزمين جي اها مٽي آهي جنهن جو تعلق ۽ گهرو لاڳاپو هميشه انسان سان رهيو آهي. انساني تاريخ جي ابتدا به مٽي آهي ته انتها به. ڪامريڊ به سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان کي آباد ڪندڙ سنڌو درياهه سان ۽ ان جي کيڙيندڙ هاري ۽ مزدورن سان پيار ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو فڪر رکندڙ حيدر بخش جتوئي سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه..؟! جي عنوان سان ڪتاب لکي پاڪستان جي ان وقت جي حڪمرانن کي اهو چتاءُ ڏنو ته سنڌي ٻولي جا پارکو ۽ رکوالا اڃا زنده آهن جن کي پنهنجي ٻولي ۽ ماءُ جي لولي سان پيار آهي. اهو پيار سنڌ ڌرتي تي رهندڙ هر سنڌي جي رڳ رڳ ۾ شامل آهي.
هاري تحريڪ ۾ وڏو نانءُ رکندڙ ڪامريڊ جي جيل ياترا به ائين هئي جيئن هڪ پير ريل ۾ ته ٻيو جيل ۾ هن جو نه صرف سنڌ جي سياست پر پاڪستان جي سياست تي به گهرو اثر هو پاڪستان جي پهرين قانون ساز اسيمبليءَ جي ٽٽڻ کان وٺي، ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ يا مارشل لا تائين سندس جو موقف چٽو رهيو 24 آڪٽوبر 1954ع ۾ پاڪستان جي اسيمبلي جو ٽٽڻ ۽ ان فيصلي کي چيف ڪورٽ پاران بحال ڪرڻ تي حيدر هڪ شاندار ڪتاب Democracy and Justice of Chief Justice لکيو جيڪو ان وقت جي سياسي هلچل جو وڏو ڪتاب هو1955ع ۾ ون يونٽ لاڳو ٿيو اهو بل سنڌ اسيمبليءَ مان محمد ايوب کهڙو جي وڏ وزارت واري دور ۾ پاس ڪيو ويو جنهن کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ٿي وئي. ان فيصلي کانپوءِ هاري تحريڪ ان جي خلاف سڄي سنڌ ۾ جلسه ڪري سنڌ جي عوام کي آگاهه ڪيو ته ون يونٽ سنڌ جي سالميت جو سودو آهي، سنڌ جي وجوديت جو سودو آهي ۽ سنڌين جي سوچ تي حملو آهي. جيڪو سنڌي ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ٿو ڪري سگهي.مريڊ جتوئي جو لکيل هڪ ٻيو ڪتاب One United & Democracy ان ڳالهه جو چٽو ۽ واضع ثبوت آهي.