کجيءَ جو وڻ نه رڳو هڪ ميوو ڏيندڙ وڻ آهي پر اهو سنڌ جي ثقافت، معيشت ۽ محنتي طبقي جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو کجي پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، جتي هر سال پنج لک ٽن کان وڌيڪ کجيون پيدا ٿين ٿيون. ملڪ جي چارهيه صوبن ۾ کجيءَ جا باغ موجود آهن، پر سنڌ کي ان حوالي سان نمايان حيثيت حاصل آهي. هتي لڳ ڀڳ 2 لک 52 هزار ٽن کجيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي ملڪ جي مجموعي پيداوار ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.انهن مان سڀ کان وڌيڪ شهرت ضلعو خيرپور کي حاصل آهي، جتي کجيءَ جي مٺاس، معيار ۽ قسمتن جي تنوع کيس دنيا ۾ هڪ منفرد مقام ڏياريو آهي. خيرپور جون کجيون سعودي عرب، متحدہ عرب امارات، ترڪي ۽ يورپ تائين پنهنجي سڃاڻپ رکن ٿيون. پر هن سڄي ڪاميابيءَ جي پٺيان جيڪي محنتي هٿ آهن، اهي مزدور، هاري، عورتون ۽ ٻارڙا آهن، جن جي محنت سان هي فصل تيار ٿئي ٿو.
خيرپور ضلعي ۾ کجيءَ جي پوک صدين کان جاري آهي. مورخن جي مطابق سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب ۾ به کجيءَ کي هڪ اهم خوراڪ طور استعمال ڪيو ويندو هو. پوءِ جڏهن اسلام هن علائقي ۾ آيو ته عرب واپارين ۽ صوفي بزرگن به کجيءَ جي پوک کي هٿي ڏني. خيرپور جي آبهوا، پاڻي ۽ زمين هن فصل لاءِ نهايت موزون آهي. ان ڪري وقت سان گڏ هتي وڏي پيماني تي باغ لڳڻ شروع ٿيا.اڄ خيرپور ۾ لڳ ڀڳ 25 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي کجيءَ جا باغ آهن، جيڪي هر سال لڳ ڀڳ هڪ لک ٽن کان وڌيڪ کجيون پيدا ڪن ٿا.خيرپور ۾ کجيءَ جا ڪيترائي قسم پوکيا وڃن ٿا. جن ۾ اجوا، خلاص، سکري، مهٽي، ڪربل، کپتي، پيلو ۽ ديسي قسم شامل آهن. اجوا کي مذهبي اهميت حاصل آهي ۽ ان جي وڏي طلب سعودي عرب ۾ آهي. خلاص ۽ سکري پنهنجي مٺاس ۽ ذائقي سبب مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان وڪامجن ٿيون.
زراعت ماهرن جو چوڻ آهي ته صرف خيرپور ۾ ئي 300 کان وڌيڪ قسمن جون کجيون پوکيون وڃن ٿيون، پر انهن مان ڪجهه قسم ئي مارڪيٽ ۾ مشهور آهن.کجيءَ جو فصل عام پوکيل فصلن کان مختلف آهي. وڻ 40 کان 50 فوٽ اوچا ٿين ٿا. مزدور خاص رسين جي مدد سان صبح سوير وڻن تي چڙهندا آهن ۽ هر خوشو هٿ سان ڪٽي رسيءَ وسيلي هيٺ لهرايو ويندو آهي. هي ڪم جون کان آگسٽ تائين جاري رهي ٿو، جتي سخت گرمي، اوچائيءَ جو خطرو ۽ حادثن جا امڪان هوندا آهن.هڪ مزدور ٻڌايو ته اسان صبح سج اڀرڻ کان اڳ ڪم شروع ڪريون ٿا ۽ شام تائين لڳاتار وڻن تي چڙهڻ، خوشا ڪٽڻ ۽ کجين لهرائڻ جو ڪم جاري رکون ٿا. سڄي ڏينهن جي محنت جي بدلي ۾ صرف 200 کان 250 رپيا ملن ٿا. خطرو به گهڻو آهي، ڪڏهن ڪڏهن مزدور وڻ تان ڪري زخمي به ٿي پون ٿا.زمين تي لهرايل کجين کي عورتون ۽ ٻارڙا گڏ ڪري ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا.هڪ هارياڻي ٻڌائي ٿي اسان کي کجيءَ جي ڇنڊڇاڻ جو في ڪلو 12 رپيا ملن ٿا. جيڪڏهن ڏينهن ۾ 40 کان 50 ڪلو صاف ڪريون ته 400-500 رپيا ڪمائي سگهجي ٿي. پر اهو ڪم ڏاڍو ٿڪائيندڙ آهي، ٻارن سان گڏ ويهي ڪرڻو پوي ٿو..هي منظر خيرپور جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ عام ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي عورتون ۽ ٻارڙا ڇپرن تي ويهي کجيون سڪائين ٿا.کجين کي وڻ تان لهرائڻ کان پوءِ وڏن ڇپرن تي وڇايو ويندو آهي، جتي اهي 7-10 ڏينهن تائين سڪي وڃن ٿيون. ڪٿي ڪٿي سولر ڊرائر به لڳايا ويا آهن، پر گهڻا هاري اڃا تائين روايتي طريقن تي ڀاڙين ٿا.پيڪنگ کان اڳ کجين کي ٻيهر چونڊيو وڃي ٿو. مزدور ٻڌيو ته اسان کي روزاني 1000 رپيا ملن ٿا. سڄو ڏينهن کجين کي وڇائڻ، ڦيرائڻ ۽ ٿيلهن ۾ ڀرڻ ۾ گذري ويندو آهي..
زراعت ماهرن مطابق خيرپور ۾ هر سال لڳ ڀڳ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو هن صنعت سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهن. ان ۾ هاري، مزدور، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. فصل جي موسم ۾ هي ئي سندن مکيه روزگار جو ذريعو بڻجي ٿو.خيرپور مان پيدا ٿيندڙ لڳ ڀڳ هڪ لک ٽن کجيون صرف پاڪستان جي مارڪيٽن تائين محدود نه آهن پر اهي سعودي عرب، متحدہ عرب امارات، ترڪي، ملائيشيا ۽ يورپ تائين برآمد ٿين ٿيون. هي صنعت ملڪ لاءِ اربين رپين جو زرمبادلو آڻي ٿي.جيئن ته کجيءَ جي صنعت ملڪي معيشت لاءِ اهم آهي، پر مزدورن جي حالتن ڏانهن گهڻو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اجرت گهٽ آهي، صحت ۽ حفاظت جون سهولتون ناهن. مزدور جيئري مشين بڻجي ويا آهن. هڪ مقامي هاري جو چوڻ آهي اسان جي کجي دنيا تائين وڃي ٿي، پر جيڪڏهن مزدورن جي مزدوري به عالمي سطح جيان وڌائي وڃي ته هي سڄو علائقو خوشحال ٿي سگهي ٿو.ماهرن جو چوڻ آهي ته مزدورن کي سندن محنت جو جائز معاوضو نه ٿو ملي.جديد ٽيڪنالاجي جي کوٽ سبب پيداوار جو وڏو حصو ضايع ٿي وڃي ٿو.هنن چيو ته هارين کي سڌي رسائي مارڪيٽ تائين ناهي، وچولي ۽ دلال وڏو حصو کڻي وڃن ٿا.مزدورن لاءِ صحت، تعليم ۽ حفاظت جي سهولتون گهٽ آهن.زراعت جي ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن جديد ٽيڪنالاجي، صحيح آبپاشي، معياري ڀاڻ ۽ بيمارين کان بچاءَ جا طريقا استعمال ڪيا وڃن ته خيرپور جون کجيون عالمي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ قيمتي ٿي سگهن ٿيون.سولر ڊرائر ۽ جديد پيڪنگ سسٽم سان ضايع گهٽ ٿيندو.عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪرڻ سان يورپ ۽ آمريڪا جي مارڪيٽن تائين وڌيڪ واپار ممڪن ٿيندو.مزدورن جي اجرت وڌائڻ سان سندن زندگي بهتر ٿيندي، جنهن جو سڌو اثر پيداوار جي معيار تي پوندو.
خيرپور جون کجيون سنڌ جي زرعي سڃاڻپ بڻجي ويون آهن. هي نه رڳو هڪ ميوو آهي پر هزارين گهرن جي روزگار جو ذريعو آهي. جڏهن هي مٺاس سان ڀريل ميوو عالمي مارڪيٽن ۾ پڄي ٿو ته ان جي پٺيان مقامي مزدورن جي رت، پگهر ۽ محنت لڪل هوندي آهي. جيڪڏهن حڪومت، زراعت کاتو ۽ مقامي هاري گڏجي جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهتر پاليسي اختيار ڪن ته هي صنعت نه رڳو خيرپور پر سڄي ملڪ جي معيشت کي نئين بلندين تائين پهچائي سگهي ٿي.