جيڪب آباد (ن ع آ ) جيڪب آباد ۾ سماجي ورڪر جي گهران لکين روپين جي چوري، سول لائن ٿاڻي جي حد بسم الله باغ جي علائقي ۾ اڻڄاتل چور سماجي ورڪر ڪاظم ابڙو جي گھر جي ڀت مان گھڙي 6 تولا سونا زيور 50 هزار روڪ رقم، 2 موبائيل فون ۽ موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو حد جي ٿاڻي تي اين سي ڪٽرائي وئي آھي، ٻئي پاسي سماجي اڳواڻن جان اوڍاڻو گل بليدي نديم بھراڻي عباس نائچ ۽ عرفان اوڍاڻو شھر ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظھار ڪري واقعي جي مذمت ڪئي آھي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان چوري ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آھي.