استادن جي عالمي ڏينهن تي ملڪي قيادت پاران ڀيٽا پيش

ڪراچي/اسلام آباد (نمائدن وٽان) دنيا سميت ملڪ ۾ پڻ استادن جو عالمي ڏينهن عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. صدرِ  آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف استادن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته تدريس هڪ مقدس ذميواري آهي، ۽ استاد جديد دور جي گهرجن مطابق تربيت ۽ وسيلن جا حقدار آهن. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ استادن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته استاد رڳو پڙهائيندڙ نه پر قوم جو مستقبل سنواريندڙ اڳواڻ آهن. هن چيو ته شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي هميشه تعليم کي اوليت ڏني، ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومتن ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته استاد قوم جو معمار آهي، جنهن جي محنت، ايمانداري ۽ قرباني سبب ئي سماج ترقي ڪري ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت استادن جي ڀلائي، تربيت ۽ ترقي لاءِ پرعزم آهي، ۽ معيارِي تعليم رڳو باصلاحيت استادن ذريعي ئي ممڪن آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.