ڪراچي (پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چيو آهي ته سڄي سنڌ غير محفوظ آهي توڙي جو بظاهر حڪومتي مشينري موجود آهي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بنيادي سهولتن وسيلن ڪوئلي تيل گئس بندرگاهه جا مالڪ آهن اها دولت سنڌي ماڻهن جي ترقي تي خرچ نه پئي ٿئي هن اهڙن خيالن جو اظهار حيدرآباد ۾ پارٽي گڏجاڻي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنو سان ملاقات وقت ڪيون هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مٿان ڪرپٽ حڪمران مڙهيل آهن انهن وٽ سنڌ جي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ وقت ناهي سنڌ ڪرپشن گردي سان گڏ منظم ڌاڙيل گردي جو شڪار آهي هن چيو ته سنڌ جا شهري رستن تي ڦرجن پيا پنهنجي گهرن ڳوٺن شهرن ۾ ڦرجن پيا منظم طريقي سان ڦرن پيا جنهنجو تازو مثال وارھ گاجي کهاوڙ آهي جتي سرعام ڏينهن ڏٺي جو هٿيار بندن ڦرلٽ ڪئي،هن چيو ته سنڌي ماڻهو ٻڌي ۽ اتحاد ڪن اسلام آباد طرفان مڙيل ڌاڙيل راڄ جو انڪار ڪن.