اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جسٽس سيد منصور علي شاهه پنهنجي تازي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪنهن به ملازم جي پينشن ڪا بخشش، خيرات يا رحم جو معاملو نه آهي، پر آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 14 تحت هڪ محفوظ ۽ آئيني حق آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 9 موجب ڪنهن به شخص کي قانون جي طريقيڪار کان سواءِ زندگي يا آزاديءَ کان محروم نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته آرٽيڪل 14 انساني وقار جي تحفظ سان لاڳاپيل آهي، اهي ريمارڪس جسٽس منصور علي شاهه شاهه تڏهن ڏنا جڏهن شڪيل احمد ڪيانِي جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 فيبروري 2022ع جي فيصلي کي چيلينج ڪيو ويو هو، جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته پينشن زندگي، عزت ۽ روزي جي حق سان گهرو تعلق رکي ٿي، ڇو ته جيڪڏهن پوڙهائپ ۾ گذر بسر جا ذريعا نه هجن، ته اهي حق بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا، فيصلي موجب درخواستگذار 2 فيبروري 1995ع تي آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ۾ اڪائونٽس اسسٽنٽ طور نوڪري شروع ڪئي ۽ اڳ ۾ پاڪستان ملٽري اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ، واھ ڪينٽ ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، درخواستگذار جي وڪيل جو موقف هو ته موڪل کي ريگيوليشن 15(1A) تحت اضافي پينشن جو حق حاصل آهي، جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته پينشن کي انهن سرڪاري ملازمن لاءِ سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، جن لاءِ اها سالن جي وفادارانه خدمت جو معاوضو آهي، هڪ اهڙو معاوضو جيڪو پگهر، محنت ۽ ايمانداري سان حاصل ڪيو ويو آهي، پينشن کان انڪار ڪرڻ يا ان کي روڪڻ، دراصل ڪنهن شخص کي سندس جائز تحفظ کان محروم ڪرڻ آهي، جنهن سان هو محرومي، بي وسي ۽ ذلت ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، ان ڪري پينشن جي حق جو تحفظ اهڙي نموني ٿيڻ گهرجي جو اهو مناسب ۽ يقيني هجي.