وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ تازي اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته وفاقي ترقياتي ڪمپني جون سرگرميون صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت آهن. صوبائي سيڪريٽري بلديات طرفان لکيل خط ۾ اها ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ته وفاق جي اها ڪمپني ڪراچي اربن انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج ۽ حيدرآباد اربن انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج جهڙن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي اصل ۾ صوبائي حڪومت جي دائري اختيار ۾ اچن ٿا. خط ۾ اها ڳالهه به تسليم ڪئي وئي آهي ته اهڙا ترقياتي ڪم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته وفاق سان صلاح مشوري بعد ايندڙ حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ڪراچي جا وسيلا رڳو ڪراچي جي ماڻهن تي خرچ ٿيڻ گهرجن. ڇا توهان ڏٺو آهي ته لاهور ۾ پي آءِ سي ڊي ايل جهڙي ڪا وفاقي ڪمپني ڪم ڪندي هجي؟ هن وڌيڪ چيو ته جيستائين سڀ اسٽيڪ هولڊرز هڪ صفحي تي نه ايندا، شهر ترقي نه ڪندو. صوبائي حڪومت جي هدايت تي بلديه ڪراچي گرين لائن جي توسيع وارو منصوبو بند ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو پهرين مرحلي ۾ سيد منزل ڀرسان عيدگاهه تائين مڪمل ٿيڻ هو ۽ ان کان اڳتي ٽاور تائين وڌائڻ جو ارادو هو.
ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي دور ۾ گرين لائن منصوبو شروع ٿيو، جيڪو ڪجهه سال اڳ ’بڙي بورڊ‘ کان ’نمائش‘ تائين مڪمل ڪيو ويو. لکين ماڻهو هر سال ان سروس مان فائدو وٺن ٿا، ۽ جيڪڏهن اهو ٽاور تائين وڌي وڃي ته اهو وفاق طرفان ڪراچي واسين لاءِ وڏو تحفو هوندو. ساڳي وقت پاڻي جي فراهميءَ وارو وڏو منصوبو ’ڪي فور‘ گذريل ويهه ورهين کان اڌورو پيو آهي. هاڻي وفاقي مدد سان ان جي مڪمل ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿيا آهن، پر وفاق ان لاءِ لاڳت کان گهٽ رقم رکڻ سبب منصوبو ٻيهر دير جو شڪار ٿي سگهي ٿو. حقيقت ۾ ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ حڪومت ڪندي 15 سال پورا ٿيڻ وارا آهن. ان کان اڳ به اها 1988ع کان 1999ع تائين ٻه ڀيرا اقتدار ۾ رهي، پر ڪراچي جي ترقيءَ کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو. اڄ به ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو حال بدتر آهي. نواز شريف جي حڪومت ۾ گرين لائين جو بنياد پيو، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ اهو مڪمل ٿيو ۽ ماڻهن کي سستي ۽ باوقار سواري ملي. پر پيپلز پارٽي جي حڪومتي اعلانن ۾ جيڪي پنج بس لائينز جو واعدو ڪيو ويو هو، اهو اڃا خواب بڻيل آهن. پهريان ته اربين رپين سان يونيورسٽي روڊ ٻيهر ٺهرايو ويو، پوءِ ان کي ٽوڙي ’ريڊ لائن‘ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن کي ست سال ٿي ويا آهن پر منصوبو اڃا تائين اڌورو آهي. انجنيئرنگ جا ماهر چون ٿا ته اهڙي غفلت عام مستري به نٿو ڪري. ميئر صاحب پاڻ به چوي ٿو ته ’بجلي، گئس، سيويج ۽ ٽيليفون جون لائينون منتقل نه ٿيون آهن‘ جڏهن ته اهڙن منصوبن لاءِ اڳواٽ منصوبابندي ضروري هوندي آهي. لڳي ٿو ته ريڊ لائين تي ڪم ڪندڙ انجنيئر ڪم دوران ئي سکيا حاصل ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف بلديه ڪراچي ڊرگ روڊ پل جي خرابين کي به اڃا تائين درست نه ڪري سگهي آهي. هر ڪجهه مهينن بعد اهو پل بند ڪيو وڃي ٿو ۽ مرمت شروع ڪئي وڃي ٿي. ضلعِ وچولي ۾ ڪريم آباد انڊر پاس 2020ع ۾ شروع ٿيو، پر پنج سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيو. ڪڏهن ٺيڪيدارن کي ڏوهه ڏنو وڃي ٿو ته ڪڏهن برساتن کي. وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي خاص دلچسپيءَ سان قيوم آباد کان شاهراههِ ڀٽو تائين روڊ ٺهڻ شروع ٿيو، جنهن جو هڪ حصو مڪمل به ٿيو، پر گذريل مهيني جي برساتن ان جو حصو مينهن جي پاڻي ۾ وھي ويو. ملير ۽ گڏاپ جا سماجي ڪارڪن احتجاج ڪري رهيا آهن ته شاهراههِ ڀٽو جي تعمير زرعي زمين تباهه ڪري ڇڏيندي ۽ سياري ۾ سائبيريا کان ايندڙ پکي هن علائقي ۾ اچڻ ڇڏي ڏيندا. ڪراچي ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون هلائڻ جو خيال به ڪجهه سال اڳ آيو، جڏهن 400 هائبرڊ بسون متعارف ڪرايون ويون. پر اڄ انهن مان اڌ بسون ئي رهيون آهن، ڀاڙو به ايترو مهانگو آهي جو عام ماڻهو سفر ڪرڻ ڇڏي ويا آهن، جتي پنجاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙو 20 رپيا آهي، اتي ڪراچي ۾ 80 رپيا آهي.
تحريڪِ عدم اعتماد دوران جڏهن ايم ڪيو ايم جا ووٽ ضروري هئا، تڏهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ٻنهي سان الڳ الڳ معاهدا ڪيا ويا، جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقي مکيه نُڪتو هو، بعد ۾ آصف زرداري کي صدر نامزد ڪرڻ وقت به ساڳيا معاهدا ورجايا ويا. وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جي تجويزن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ۽ وفاقي ڪمپني کي انهن منصوبن جي ذميواري ڏني. حقيقت اها آهي ته وفاقي حڪومت گرين لائين مڪمل ڪيو ۽ پوءِ صوبائي حڪومت حوالي ڪيو. جيڪڏهن وفاقي ڪمپني وقت تي ڪم مڪمل ڪري ٿي ته اهو ڪراچي لاءِ فائديمند هوندو. ان جو حل اهو ناهي ته وفاق کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي. اهڙي رڪاوٽ جو بار آخرڪار ڪراچيءَ جي عوام تي ئي پوندو. هاڻي ته ڪراچيءَ جو انفراسٽرڪچر ايترو ڪمزور ٿي چڪو آهي جو 30 سيپٽمبر جي ٻن ڪلاڪن جي برسات ۾ شاهراهه فيصل سميت سڀ روڊ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا. اصولي طور سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ريڊ لائين جي ناڪاميءَ بابت هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ ڪرائي، ۽ ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري. گرين لائين کي روڪڻ سان ڪو مسئلو حل نه ٿيندو. اهو صوبائي خودمختياري جو معاملو نه پر انتظامي نااهليءَ جو نتيجو آهي. سنڌ حڪومت اهڙن فيصلا ڪري نوان تڪرار جنم ڏئي رهي آهي، جن جو نقصان رڳو سنڌ جي ماڻهن کي برداشت ڪرڻو پوندو.