ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ جي دراني مھر جي ڪچي ۾ مھر ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ھلندڙ تڪرار سبب جاگيراڻي ھٿيارن سميت ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، جاگيراڻي برادري جا ماڻهو چار ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن، مهر برادري جو الزام، دراني مھر ٿاڻي جي جي حد ۾ مھر ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ھلندڙ تڪرار سبب جاگيراڻي برادري جي ماڻھن مھر برادري جي ٻن ڄڻن علي گل مھر ۽ معشوق مھر کي ھٿيارن سميت سوگھو ڪري باندي بڻائي ويڊيو ٺاھي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ باندي بڻيل ٻنھي سان گڏ جاگيراڻي برادري جا ماڻهو چئي رهيا آهن ته اسان ٻنھي کي جيون دان ڏنو آهي، جڏھن ته مھر برادري جي رسول بخش مھر ، علي جان مھر جو چوڻ آهي ته جاگيراڻي برادري اسان جي چار ڄڻن کي اغوا ڪيو آهي، جن ۾ علي گل، معشوق ۽ ٻه ٻار اسلم ۽ فيروز شامل آهن، 25 ڳئون ۽ 8 مينهون به ڦر ڪيون ويون آهن.