پيپلز پارٽي واڪ آئوٽ جي ڊرامي بازي بند ڪري:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته مريم نواز جي معافي نه پر سنڌو تي گذريل ڏيڍ سئو سالن جي ڌاڙي جو حساب کپي. اڳواڻن چيو ته پنجاب جا حڪمران سنڌ جو پاڻي چورائي رهيا آهن، سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ملڪي، عالمي، علائقائي ۽ اسلامي قانونن موجب پهريون حق سنڌ جو آهي. سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع ۾ ٻنهي صوبن جو حصو طئي ٿيو هو، پنجاب جا حڪمران سنڌ جي مقرر حصي مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي چورائي رهيا آهن، مٿان وري چولستان ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي مڪمل طور بند ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،هنن چيو ته پيپلز پارٽي واڪ آئوٽ جي ڊراميبازي بند ڪري، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ مان قرارداد منظور ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.