ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته خوشحال سنڌ جي عوام جي بدحالي خراب حڪمراني جي بدترين مثال آھي. پيپلزپارٽيءَ جي جي سنڌ سرڪار ٻڌائي ته 2000 ھزار ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جي عوام جا حال ھيڻا ۽ سور ٻيڻا ڇو آھن؟ ڪراچي به تباھي جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي.گھوٽڪي ضلعو صنعتي زون ھجڻ جي باوجود مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ ڌرتي ڌڻين سان ناانصافي ۽ حڪومتي نااھلي جو چٽو ثبوت آھي. نومبر ۾ مينار پاڪستان لاھور ۾ ٿيندڙ جماعت اسلامي جو اجتماع تاريخي ثابت ٿيندو.