اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) وفاقي وزير طلال چوڌري ايمل ولي جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي جا بيان مڪمل طور غير ذميواراڻا ۽ ناقابل برداشت آهن، جيڪي رڳو ذاتي شهرت ۽ سياسي قد وڌائڻ لاءِ ڏنا پيا وڃن. هڪ ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ۾ وزير چيو ته ايمل ولي کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جي موجودا سفارتڪاري وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جي گڏيل قيادت هيٺ پنهنجي عروج تي پهتي آهي، جنهن جو گذريل 80 سالن ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته سعودي عرب سان دفاعي معاهدو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت انهن ئي ڪوششن جو نتيجو آهي. اڳي اهڙو زمانو هو جو وزيراعظم جو فون به ڪير نه کڻندو هو پر هاڻي پاڪستان جي قيادت کي عالمي سطح تي عزت ۽ ريڊ ڪارپيٽ سان آجيان ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته ايمل ولي کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، ڇو ته اها ايزي لوڊ واري پارٽي آهي، جيڪا قومي سطح تان ضلعي سطح تائين محدود ٿي وئي آهي. ڇا اوهان کي پاڪستان کان وڌيڪ افغانستان سان محبت آهي؟ هن چيو ته هارائيندڙ ۽ ٻين جي ووٽن تي چونڊجندڙ ماڻهو ملڪ ۽ ادارن تي الزام نه هڻن، ۽ جيڪي پاڪستان جي خدمت ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ڪا ڳالهه ٿيندي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ٻنهي ۾ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. وزير چيو ته پاڪستان جي سفارتڪاري ۽ سلامتيءَ جي حڪمت عمليءَ تي فخر ڪرڻ گهرجي.