مٺي (رپورٽ:غازي بجير) پاڪستان دشمني ۾ ڀارتي فوج معصوم جانورن تي به ظلم ڪرڻ کان باز نه آئي، ٿر جي سرحدي ڳوٺ ۾ ڀارتي فوجين گوليون ھڻي ٻڪريون ماري ڇڏيون، ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ سنوارڻي ۾ ڀارتي فوجين پاڪستانين جون 5 ٻڪريون ماري ڇڏيون ۽ ڪيتريون ئي زخمي ڪري ڇڏيون، ڀارتي فورسز ٿرپارڪر جي سرحدي علائقي سنوارڻي ۾ ٻڪرين کي ماري ۽ زخمي ڪيو، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي به سامهون آيون آهن. هي واقعو گذريل شام تعلقي ڏاهلي جي ڳوٺ سنوارڻي ۾ پيش آيو،سيڪيورٽي اختيارين مطابق عام طور اهڙي صورتحال ۾ ٻڪريون واپس ڪيون وينديون آهن،متاثر مالوندن جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوجين 5 ٻڪريون ماري ڇڏيون ۽ 15 ٻڪرين جون ٽنگون ڀڃي ڇڏيون، مالوندن موجب، زخمي ٻڪرين جون ٽنگون تيز ڌار اوزار سان ڪٽيون ويون آھن.