ڪراچي کي حق ملن ته نئين صوبي جي ڳالهه ئي نه اٿندي:يونس ڍاڳا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ناڻي واري اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاڳا چيو آهي ته ڪنهن دور ۾ ڪراچي هڪ بين الاقوامي شهر هو، دنيا جا شاگرد هتي پڙهڻ ايندا هئا، سمنڊ ڪناري رونق هوندي هئي، ۽ پاڪستان جي شروعاتي ترقيءَ ۾ ڪراچي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو،پر هاڻي اهو شهر دنيا جي ٽئين نمبر نه رهڻ جهڙو شهر بڻجي چڪو آهي،هڪ ٽي وي پروگرام ۾ هن  چيو ته جڏهن توهان جو معاشي انجن ئي بيمار هجي، ته ملڪ جي ترقيءَ جو خواب ڪيئن پورو ٿي سگهي،هتي امن امان ۽ انفرااسٽرڪچر خراب ٿي چڪو آهي،ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب جيستائين پاڪستان ڪراچي کي بحال نٿو ڪري، تيستائين ملڪ معاشي ٽارگيٽ حاصل نه ڪندو،هتي رشوت جو ڪلچر وڌيڪ آهي،هن چيو ته اسان وٽ وسيلا آهن، پر اهي هيٺ تائين منتقل نٿا ٿين، 18هين ترميم کان پوءِ پيسو صوبن تائين ته اچي ٿو، پر ضلعي ۽ بلدياتي سطح تي نه ٿو پهچي،هن چيو ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي اڳ 24 ارب روپيا اوڪٽراءِ جي مد ۾ ملندا هئا، پر 7هين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صوبن اهو شيئر پاڻ ۾ ورهائي ورتو۔اڄ به ڪي ايم سي  کي 24 ارب ئي ملن ٿا، جڏهن ته صوبائي بجيٽ اٺ ڀيرا وڌي چڪو آهي۔جيڪڏهن اوڪٽراءِ جو حصو بحال ڪيو وڃي، ته ڪراچي کي 220 ارب روپيا ساليانو ملڻ گهرجن،هن  چيو ته صوبن کي مڪمل اختيار ملي ويا، پر بلدياتي ادارا غير فعال بڻجي ويا۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي جي ترقيءَ جا فنڊ هيٺ تائين نٿا پهچن،هن چيو ته مشرف دور ۾ اختياري منتقلي حقيقي طور تي ٿي، پر پوءِ صوبائي حڪومتن ان کي رد ڪري ڇڏيو،هن چيو ته جڏهن شهر ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سيڪيورٽي ڪمزور ٿيندي، ته سيڙپڪاري ڀڄي ويندو۔هاڻي توهان ڏسو، پروڪٽر اينڊ گيمبل جهڙيون وڏيون ڪمپنيون به پنهنجا آپريشن بند ڪري رهيون آهن، ڇو ته هتي طلب گهٽجي وئي آهي، عوام خريداري نٿو ڪري سگهي،هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي واڌ 2.3 يا 2.4 سيڪڙو تي بيٺل آهي جيڪا ترقي نه پر رڳو بچاءُ جي سطح آهي،اسان رڳو ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائي رکيو آهي، ترقي نه ڪئي آهي،هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو ٻيو صوبو ناهي جيڪو چوندو هجي ته ‘اسان پنهنجي ماڻهن کي پاڻي نه ڏينداسين جيستائين وفاق پيسا نه ڏئي’ پر سنڌ حڪومت اهو چوندي آهي۔ڪراچي کي پنگ پونگ جي بال بڻايو ويو آهي ، وفاق ۽ صوبو هڪ ٻئي تي ذميواري مڙهي رهيا آهن،ڪراچي کي نئين صوبي يا انتظامي يونٽ بڻائڻ واري بحث تي يونس ڍاڳا چيو ته مون کي سياسي مقصد جو علم ناهي، پر حقيقت اها آهي ته ڪراچي کي پنهنجو حق نه ٿو ملي۔جيڪڏهن شهر کي وسيلن جو انصاف ملي وڃي، ته ان کي نئين صوبي ۾ بدلائڻ جي ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي،هن چيو ته منهنجي سموري ڪوشش اها آهي ته ايندڙ 11هين اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪراچي کي ان جو جائز حصو ڏنو وڃي۔جيڪڏهن وسيلن جي ورهاست درست ٿي وڃي، ته ڪراچي پاڻمرادو ترقي ڪري سگهي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.