سولر رٿا جي ٻئي مرحلي ۾ ڪرپشن جون تياريون،بلاول کي بدنام ڪرڻ جي سازش؟

ڪراچي(فهيم صديقي)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي چونڊ نعري “300 سئو يونٽ فري بجلي” واري واعدي ۾ لڪل ڪرپشن اسڪينڊل وائکو ٿيڻ کانپوءِ  حڪومت ۾ ٿرٿلو متل آهي،بلاول هائوس کان وٺي وزيراعليٰ هائوس ۽ ايوان صدر تائين اجلاس ٿي چڪا آهن،پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت حڪم ڏنو آهي ته جن ماڻهن جي ڪري بلاول ڀٽو جو نالو بدنام ٿيو، انهن کي “نشانِ عبرت” بڻايو وڃي۔ 20 سيپٽمبر 2025 تي هڪ يوٽيوب پروگرام ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته سنڌ حڪومت طرفان “سولر هوم سسٽم” جي ورهاست ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي،بعد ۾ جيوز نيوز به ان اسڪينڊل تي پروگرام ڪيو، ان منصوبي لاءِ چيني ڪمپني “Lemi” کي ٺيڪو ڏنو ويو ته اها چين مان هي ڪِٽس فراهم ڪري۔ پر پکا ۽ ماؤنٽنگ فريم ــ جيڪي امپورٽ ٿيڻا هئا، اهي اصل ۾ مقامي مارڪيٽ مان ئي خريد ڪيا ويا، پر انهن جا جعلي درآمدي ڪاغذ تيار ڪري ڏيکاريا ويا۔ان سان گڏوگڏ، امپورٽ تي لڳندڙ ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز جا به جعلي ڪاغذ ٺاهي ورلڊ بئنڪ کان پيسا ڪليم ڪيا ويا، جنهن سان قومي خزاني کي وڏو نقصان پهتو،نجي ٽي وي پروگرام ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه تسليم ڪيو ته هي معاملو پهريون ڀيرو انهن جي نوٽيس ۾ منهنجي  رپورٽ ذريعي آيو۔پر هو پکو امپورٽ ڪرڻ واري معاملي تي ڪو واضح جواب نه ڏئي سگهيو۔ان ۾ لڳ ڀڳ هڪ ارب رپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون مبينا طور تي جعلي ڪاغذن ذريعي ڪليم ٿيون،بل آف لينڊنگ ۾  جعلسازن اصل ڪنسائنمينٽ جا پيپر استعمال ڪيا پر نالو مٽائڻ وساري ويا۔شپنگ ڪمپني جو نالو “Maersk” هو، پر پکا Maersk ذريعي آيا ئي نه هئا!اصل ۾ پکا آيا ئي نه هئا ــ صرف انهن جا ڪاغذ تيار ٿيا، جڏهن ته  ٻي ڪمپني “CMA CGM” جو نالو استعمال ڪيو ويو۔ان جي  ڪنسائنمينٽ پکن جي نه پر“ليٿيم بيٽرين” جي هئي، جڏهن ته اهو سڀ مال هڪ ڪليئرنگ ايجنٽ وسٽا امپيڪس” جي نالي سان ڪليئر ڏيکاريو ويو۔جڏهن ته رابطي باوجود مالڪ عابد علي فون يا واٽس ايپ تي جواب نه ڏنو،۔ياد رهي ته وسٽا امپيڪس خلاف ايف آءِ اي  ۾ مني لانڊرنگ جي اڳ ۾ ئي جاچ هلندڙ آهي،۔هن اسڪينڊل ۾  اصل ڪردار وقاص علي جو آهي  سندس ڪمپني اينجي ٽيڪنالاجيز” هن پروجيڪٽ لاءِ بليڪ لسٽي پر وقاص علي جي اپيل تي سندس ڪمپني کي ٻيهر بڊنگ ۾ شامل ڪيو ويو، جيتوڻيڪ ان بڊ تي وقاص علي جي صحيح موجود ناهي،ورلڊ بئنڪ جڏهن ان معاملي جو نوٽيس ورتو ته “اينجي ڪمپني کي ڊي لسٽ ڪيو ويوبعد ۾  وقاص علي پنهنجي ٻي ڪمپني (“Beyond Green Energy”بي يانڊ گرين انرجي) جي نالي تي راند کيڏڻ لڳو،سولر ڪِٽس جي شپنگ جي بــل آف ليڊنگ ۾ به وقاص علي جي اي ميل ۽ فون نمبر لکيل آهي ٻئي پاسي وقاص علي جو اڳوڻو ساٿي روحيل، جيڪو اڳ انرجِي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندو هو، هڪ پوسٽ ۾ لکي ٿو:هڪ هوم سولر ڪِٽ جي اصل قيمت 90 ڊالر هئي، پر سنڌ حڪومت ان کي 170 ڊالر ۾ خريد پئي ڪري، جنهن سان 4.5 ارب رپيا اضافي خرچ ٿيا۔”روحيل مطابق، جڏهن سندس ڪمپني هن پروجيڪٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، ته وقاص علي اچي انهن جي مينوفيڪچررز کي باءِ پاس ڪري  ڇڏيو ۽ دعويٰ ڪئي ته هو هڪ وزير جي حڪم  سان اهو پروجيڪٽ هلائيندو۔ذريعن موجب، وقاص علي پاڻ کي هاڻي سنڌ ۾ اهم عهدو رکندڙ شخصيت جو خاص ماڻهو  ظاهر ڪري ٿو جڏهن ته هاڻي ٻئي مرحلي ۾، بلاول ڀٽو جي نالي هيٺ ڏيڍ لک نيون سولر ڪِٽس ورهائڻ جو پروگرام آهي، اتي به ساڳي مافيا سرگرم آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.